”مون تي ڪو فرق نٿو پوي“ دانيا ملڪ وري سوشل ميڊيا تي اچي وئي !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مرحوم عامر لياقت حسين جي ٽئين زال دانيا ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر منظر عام تي اچي پنهنجو پيغام جاري ڪري ڇڏيو آهي.

عامر لياقت حسين جي لاڏاڻي کانپوءِ دانيا ملڪ گهڻن ڏينهن کان سوشل ميڊيا کان پري هئي.

دانيا ملڪ طرفان ٽوئٽر تي نئون اڪائونٽ ٺاهيو ويو آهي جنهن جو پروفائل به هن لڳائي ڇڏيو آهي.

ان حوالي سان هن انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪئي.

رڳو ايترو ئي نه پر هن هڪ پيغام به پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪيو آهي.

تازو عامر لياقت جي پهرين زال بشريٰ اقبال ۽ سندس ڌيءَ دعا دانيا ملڪ ۽ سندس ماءُ خلاف ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ۾ درخواست جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن کانپوءِ دانيا جو به رد عمل سامهون اچي ويو آهي.

هن پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي ان حوالي سان لکيو ته جڏهن الله مون سان گڏ آهي ته مون کي ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته ڪير ڪير منهنجي خلاف آهي.

دانيا ملڪ پنهنجو اڪائونٽ پروفائل تبديل ڪرڻ کانپوءِ بحال ڪري ڇڏيو آهي.

دانيا پنهنجي ٽوئٽر جي بائيو ۾ لکيو آهي ته الله سي ڊر اور توبا توبا ڪر.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.