سپريم ڪورٽ وڏي وزير جي چونڊ بابت ڪيس ۾ فل ڪورٽ جوڙڻ جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ تي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف درخواست جي ڪيس ۾ فل ڪورٽ ٺاهڻ جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف پرويز الاهي جي درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي، فل ڪورٽ تي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ عدالت فيصلو ٻڌايو.

مختصر فيصلو ٻڌائيندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين عدالت ٻڌڻي ڪئي، ميرٽس تي دليل ٻڌا، معاملي جو بنياد قانوني سوال آهي ته اسيمبلي ميمبرن کي هدايت پارٽي سربراهه ڏئي سگهي ٿو يا نه، فل ڪورٽ ٺاهڻ جي اپيل رد ٿا ڪيون.

چيف جسٽس چيو ته ڊپٽي اسپيڪر رولنگ ڪيس ميرٽ تي سڀاڻي صبح ساڍي 11هين وڳي ٻڌنداسين، فل ڪورٽ نه ٺاهڻ جا تفصيلي سبب پوءِ جاري ڪنداسين، هيءَ ئي بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

ان کان اڳ سپريم ڪورٽ معاملي تي فل ڪورٽ ٺاهڻ جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو ۽ ٻڌڻي ۾ ساڍي 5 وڳي تائين وقفو ڪيو هو پر پوءِ فل ڪورٽ تي فيصلو نه ٻڌايو ويو هو ۽ چيف جسٽس چيو هو ته معاملي تي وڌيڪ قانوني وضاحت جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.