مريم نواز ڪمپني ۾ عوام جو فيصلو مڃڻ جي همت ئي ناهي: فواد چوڌري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته جنهن ڏينهن اسان ننڍي چونڊ کٽي سين، حمزا شهباز کي ان ئي ڏينهن استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها.

سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻي لائيو نه ٿيڻ تي افسوس آهي، اهڙي قسم جي ڪيسن جي ٻڌڻي لائيو ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته صبح کان مريم نواز ڪمپني پريس ڪانفرنس ڪري رهي آهي، ان ۾ همت ئي ناهي ته عوام جو فيصلو مڃي، ڇو ته اهي ماڻهو ڪڏهن ڌانڌلي بنا آيا ئي ناهن.

سندس چوڻ هو ته جنهن ڏينهن اسان ننڍي چونڊ کٽي سين، حمزا شهباز کي ان ئي ڏينهن استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها، حمزا شهباز کي شرم ناهي، ابتو هن سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود حلف کڻي ورتو، ٽن مهينن کان پنجاب ۾ ڪو وڏو وزير موجود ناهي، جنهن سان پنجاب جي معيشت کي نقصان ٿيو آهي.

فواد چوڌري موجب عوام فيصلو ڪيو آهي ته چونڊن ٿين پر توهان سپريم ڪورٽ ۽ اسٽيبلشمينٽ کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهيو، اڳتي وڌڻ جو واحد حل اهو آهي ته عوام جي فيصلي تي عمل ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.