پنجاب جي وڏي وزير جو ڪيس: چوڌري شجاعت ڌر بڻجڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ق ليگ صدر چوڌري شجاعت حسين پنجاب جي وڏي وزير بابت ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.

چوڌري شجاعت طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر کي خط 22 جولاءِ تي لکيو ويو ۽ ڊپٽي اسپيڪر خط جي بنياد تي پرويز الاهي کي وڌل ووٽ ڳڻپ مان ڪڍي ڇڏيا.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ق ليگ ايم پي ايز طرفان پرويز الاهي کي وڌل ووٽ آرٽيڪل 63 اي جي ڀڃڪڙي هئا، مان ان ڪيس ۾ لاڳاپيل ڌر آهيان، تنهن ڪري مون کي ڪيس ۾ پارٽي بڻايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.