ڊالر ملڪي تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي برقرار آهي.

انٽر بئنڪ ۾ گذريل هفتي به ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي برقرار رهيو ۽ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 228.37 رپين تي بند ٿيو.

سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي هڪ ڀيرو ٻيهر انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ واڌ ڏٺي وئي ۽ ڊالر جي قدر ۾ هيل تائين هڪ رپيو 67 پئسا واڌ ٿي آهي.

انٽر بئنڪ ۾ ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح 230 رپين تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.