هالاڻي ۾ پڙي مان واپس ايندڙ کان پوليس سامهون ڦر، متاثر گرفتار، ٿاڻي آڏو ڌرڻو

ھالاڻي ( رپورٽ: اعجاز خاصخيلي ) محرابپور جا رھواسي ڪاشف نوناري خورشيد نوناري ھالاڻي مال پڙي مان جانور خريد ڪري واپس محرابپور وڃي رھيا ھيا ته قومي شاھراھ تي انبن جي باغ جي ڀرسان ٻن نامعلوم ڦورن ھٿيارن جي زور تي 125 ون ٽو فائيوء موٽر سائيڪل 60 ھزار روپيه روڪ رقم وويو موبائل سيٽ ۽ سوني منڊي چيچ مان زبردستي لاھي گشت ڪندڙ پوليس اڳيان فورو ڦر ڪري باآساني سان فرار پوليس ڦر ڪندڙ سان مزاحمت ئي نه ڪئي ويتر ڦر ٿيندڙ کي پوليس موبائل ۾ کنڀي کڻي لاڪ حوالي ڪري ڇڏيو اطلاع تي ڦر ٿيندڙ جي وارثن  ھالاڻي ٿاڻي تي پھچي نيشنل ھاءِ وي کي ٻنھي طرفن کان ٽي ڪلاڪ ڪلاڪ بند ڪري ٻنھي طرفن کان ٽرئفڪ  احتجاج ڪندي ڪاشف نوناري خورشيد نوناري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھالاڻي پوليس عملدار 25 فوٽ روڊ جي ٻئي پاسي ويٺا ھيا اسان کان ڦورون ڦر ڪري رھيا ھيا اسان ڦورن سان ڏھ منٽ مزاحمت ڪئي آھي دانھون ڪوڪون ڪري رھيا ھياسين پر پوليس اسانکي اکين سان ڦرندي ڏسي رھي ھئي ڪرسين تي ويٺي رھي ھنن مطالبو ڪندين گھر ڪئي ته  جيسيتائين ڊيوٽي ڪندڙ پوليس وارن کي ڊيوٽي غفلت ڪرڻ تي سسپينڊ نٿو ڪيو  وڃي ۽ اسانکان ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي نٿو ڏنو وڃي ۽ پوليس اھلڪارن مٿان ايف آء آر نٿي ڪٽي وڃي تيستائين اسانجو احتجاج جاري رھندو جڏھن ته ٻئي پاسي شھر جي معزز ماڻھن پوليس ۽ متاثر ڌر سان ڳالھيون ڪري روڊ کولرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.