چڪ لڳ ناريءَ جي تصوير فيس بڪ تي رکڻ تان نوجوان تي 5 لک رپيا ڏنڊ

لکي غلام شاھ (ت ر) چڪ لڳ دائم ملڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عيسىٰ ٽانوري ۾ نوجوان ناريءَ جي فيس بڪ تي تصوير رکڻ واري معاملي تان محمد صديق ٽانوري ۽ عبدالستار ٽانوري وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جو جرڳو محمد يعقوب ٽانوري جي سرپئنچي هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ناريءَ جو فوٽو فيس بڪ تي رکڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي نوجوان نويد پٽ عبدالستار ٽانوري مٿان 5 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو ۽ ڏنڊ واري رقم مان 50 هزار رپيا دائم ملڪ ٿاڻي جي پوليس لاءِ رکي وئي.ياد رهي ته نوجوان نويد ٽانوري پنهنجي برادري جي ناريءَ جي فيس بڪ تي تصوير رکي هئي، جنهن تي ڌرين ۾ ڇڪتان وڌي وئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.