نينگري بختاور فاطمه اغوا ڪيس ۾ ٻيهر چاج ڪرڻ جو حڪم

گلشن اقبال ( ن  ع آ) سنڌ وومن ڊيولپمينٽ کاتي جي صوبائي وزير شھلا رضا ڪراچي مان اغوا ٿيل ٻارڙي بختاور فاطمه جي بازيابي جو ڪيس پلس ليگل ايڊ جي چئرمين ناليواري قانوندان ۽ وڪيل الطاف کوسو کي وڙھڻ لاء ڏئي ڇڏيو وڪيل پاران عدالت ۾ آرگيومينڊس ۽ دلائل ڏيڻ کانپوء ٽرائل ڪورٽ ڪراچي سائوٿ 14 سالن جي اغوا ٿيل بختاور فاطمه جي حوالي سان ڪلفٽن ٿاڻي جي (i.o) جي انويسٽيگيشن رپورٽ رد ڪندي کيس ڪيس جي ٻيھر صحيح تحقيقات ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو . سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 5 ڪراچي سائوٿ مظھر علي بختاور فاطمه جي عمر جي تعين جي حوالي سان نادرا جي بي فارم ۽ پعدائشي سرٽيفڪيٽ جي ويريفڪيشن سميت ۽ ٻين ڊاڪيومينٽس جي ويريفڪيشن جو حڪم پڻ جاري ڪيو آهي. والدين جي چوڻ مطابق 14 سالن جي بختاور فاطمه کي 16 مارچ 2022 تي "شھزاد علي خاصخيلي. فريدا خاصخيلي. اياز خاصخيلي اغوا ڪيو ھو جڏھن ت سھولتڪارن ۾ محمد افضل . اسلم ولد پيارو ۽ علي نواز” شامل ھيا. ان سلسلي ۾ ڪراچي سائوٿ جي ٽرائل ڪورٽ ۾ بختاور فاطمه جو ڪيس ناليوارو قانوندان "پلس ليگل ايڊ” جو چئرمين ۽ ايڊوڪيٽ الطاف کوسو پروسييڊنگ ڪري رھيو آهي واضع رھي ت دعا زھره ۽ نمرا ڪاظمي جي بازيابي جي ڪيس جي پھرين مرحلي ۾ سنڌ ھائي ڪورٽ ڪراچي ۾ اھو ڪيس ايڊوڪيٽ الطاف کوسو وڙھيو ھو ۽ پروسيڊنگ دوران الطاف کوسي جي دلاعل جي نتيجي ۾ ان وقت جي( i.G sindh) ۽ ٻين پوليس آفيسرن کي سنڌ ھائي ڪورٽ جي حڪم تي حڪومت عھدن تان ھٽائي ڇڏيو ھو. الطاف کوسي چيو ته اسان ھميشه پنھنجي اداري پاران "پلس ليگل ايڊ” ۽ پاڪستان ليگل يونائٽيڊ سوسائٽي گڏجي عوام کي انصاف ڏيارڻ ۾ جدوجهد ڪندا رھنداسين

سوڀوديرو ۾انتظاميا بااثرن سان ملي فيڊر بند ڪري ڇڏيو

سوڀوديرو( ن ع آ)  تعلقي سوڀيديري ۽ گمبٽ جي پڇڙي جي آبادگارن محمد رمضان آرائين ـ حامد کھڙو  ـ منظور کھڙو  ـ شڪيل احمد ۽ ٻين چيو ته آبپاشي انتظاميا ۽ بااثرن پاران ملي ڀڳت ڪري خيرپور ويسٽ فيڊر فيض نھر کي کيمٽيا پل ۽ رپڙي ريگيوليٽر کان گيٽ بند ڪري انهن م ڪيلن جا پن وجھي پاڻي بند ڪري ڇڏين ٿا جنهن ڪري پڇڙيء جا آبادگار سخت پريشان آھن ـ ان سڄي عمل ۾ آبپاشي کاتي جا عملدار ملوث  آهن ـ جيڪي ڳري رشوت وٺي شاخون بند ڪرائي پاڻي چوري ڪرائن ٿا جنهن ڪري پڇڙي تي پاڻي نٿو پھچي روز اتي آبادگار وڃي درن م گند ڪڍي پاڻي کولين ٿا جنهن تان به آبپاشي عملدار موتمار ڌمڪيون ڏين ٿا ـ جنهن ڪري فصل سڙن ٿا ـ ھنن چيو ته جيڪڏهن اڳتي پاڻي بند ڪيو ويو ته ھزارين آبادگار اتي اچي ڌرڻو ھنيو ويندو ـ

پني عاقل لڳ چور دڪان جا تالا ٽوري سامان ٻهاري ويا

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل جي بائيجي ٿاڻي جي حد بائيجي چوڪ وٽ نامعلوم چور ھندو واپاري جئپال داس جي ڪريانه جي دڪان جا تالا ٽوڙي سامان ۽ ڪيش رقم کڻي ويا آھن،دڪاندار موجب ھو جڏھن معمول موجب صبح جو دڪان تي پھتو ته ان جي دڪان جا شٽر کليل ھيا ۽ ڪيش رقم توڙي ٻيو سامان ٻهاريل ھيو،دڪاندار موجب ھن جي دڪان مان ٿيل چوري جي ماليت سٺ ھزار روپيا ھئي،واقعي بابت واپارين ۽ دڪاندارن پوليس کي اطلاع ڏنو جنھن تي پوليس پاران دڪاندارن کي چوري ٿيل سامان جي جلد واپسي جي خاطري ڪرائي وئي آهي، واضح رهي ته ڪجھه ڏينهن اڳ  پنوعاقل سٽي ٿاڻي جي حد شھرجي دعا چوڪ وٽان نامعلوم چورن پاران رسول بخش ڪورائي جي ڪٻاڙ جي دوڪان جا تالا ٽوڙي 5 لکن کان وڌيڪ جي رقم جو سامان  چوري ڪري ويا ھئا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.