شادي پلي ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن ۾ٽڪر، ناري فوت

شادي پلي (ن ع آ) شادي پلي ويجهو عمرڪوٽ روڊ تي موڙ اسٽاپ وٽ ميرپورخاص ويندڙ موٽر سائيڪل کي پويان ايندڙ موٽر سائيڪل جو ٽڪر لڳڻ  جي نتيجي ۾ ڳوٺ ڊالو ڪولهي جي رهواسڻ 25 ورهين جي هتوڪ ڌيءُ لاکو ڪولهي ۽ سندس ڀاءُ 22 ورهين جو ڀيمون ڪولهي سخت زخمي ٿي پيا. پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي تعلقي اسپتال پٿورو نيئڻ جي ڪوشش ڪئي ته ناري زخمن جي سٽ نه سهندي رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.