ماٿيلي مان نوجوان پر اسرار نموني گم، وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي ڌرڻو

ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: پريم راٺوڙ ) ميرپورماٿيلي جي رينجرس ڪالوني جو رھواسي 26 ورھين جو پورھيت نوجوان احسان احمد سولنگي گذريل اٺن ڏينھن کان شھر مان اچانڪ غائب ٿي ويو آھي. وارثن پاران مسلسل ڳولاءِ باوجود سندس ڏس پتو پئجي نه سگھيو آھي. نوجوان جي گمشدگي خلاف سندس گھر ڀاتين گذريل ڏينھن ميرپورماٿيلي پريس ڪلب پھچي پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو.سندن ھٿ ۾ نوجوان جا ڦوٽو به ھئا. ان موقعي تي نوجوان جي ڀائرن عاشق سولنگي، شھزادو سولنگي، مائي ضميران سولنگي، مائي مھڳڻ سولنگي ۽ ٻين دانھيندي چيو ته نوجوان احسان سولنگي مرغي جي دڪان تي ڪم ڪندو ھو جيڪو 17 جولاءِ جي ڏھاڙي شھر مان مرغي جا پئيسا اوڳاڙي ڪرڻ دوران اچانڪ گم ٿي ويو آھي.سندس موبائيل فون به مسلسل بند اچي رھيو آھي. ھنن چيو ته مسلسل ٿاڻي جا پنڌ ڪرڻ باوجود پوليس نوجوان جي ڳولا ۾ ڪا مدد نه پئي ڪري. ھنن نوجوان کي اغوا ڪرڻ جو شڪ ڏيکاريندي نئين مقرر ٿيل ايس پي گھوٽڪي تنوير تنيو کان ڄاڻايل نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ ۽ کيس ھٿ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.