ٽنڊو محمد خان ۾ برسات، نوجوان ٻڏي فوت،ڇتون ڪرڻ سبب 4 ڄڻا زخمي

ٽنڊومحمدخان ( ڊر  ) ٽنڊو محمد خان ۽ ڀرپاسي جي علائقي جي اندر زوردار برسات جي دوران ڳوٺ باقر نظاماڻي جو رهواسي 20 سالا نوجوان سجاد علي خاصخيلي برساتي پاڻي بيهڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو ، وارثن نوجوان جي فوتگي جو سبب مرگهي جي بيماري ڄاڻائي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪندي پوليس کي لاش اسپتال کڻائڻ کان روڪي ورتو ، جڏهن ته ٽنڊو محمد خان ۾ برسات جي تيز وسڪاري سبب شھر جا اڪثر علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا ، شهر جو سيرت النبي چوڪ ، الفتاح چوڪ ، تين بتي ، مشترڪه ڪالوني ، مير محله ، بهراڻي محله ،  سومرا محله ، منور ڪالوني ، ٽالپر ٽائون ، چاندني چوڪ ، اناج منڊي ، اسٽيشن روڊ  سميت اڪثر علائقن ۾ وقفي وقفي سان وسندڙ برسات سبب شهري گھرن تائين محدود ٿي ويا  ، ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتي پاڻي ماڻھن جي گھرن ۾ داخل ٿي ويو ، مليل اطلاعن موجب برسات جي تيز وسڪاري سبب ايوب ھوٽل ڀرسان دڪان جو چپرو ڪرڻ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿيا ۽ شهر جي مختلف علائقن ۾ گهرن جون ڇتون ڪرڻ سبب 2 معصوم ٻار زخمي ٿي پيا ،  جن کي سرڪاري توڙي نجي اسپتالن ۾ طبي امداد ڏني ويئي، جڏهن ته برسات جي تيز وسڪارن سبب بيٺل زرعي فصلن کي وڏو نقصان پهچڻ جا امڪان ٻڌايا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.