بلڙي شاهه ڪريم لڳ همراهه ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

بلڙي شاهه ڪريم (ن ع آ ) بلڙي شاھ ڪريم ٿاڻي جي حد ۾  يونين ڪائونسل عبدالخالق سومرو جي اسٽاپ راڌوڙي موري وٽ 45 سالا ھندو مذھب سان تعلق رکندڙ خانو پُٽ جودو ڪولھي وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاھي تي لٽڪي مبنيہ آپگھات ڪري ڇڏيو جڏھن تہ وارثن پاران آپگھات ڪندڙ ھمراھ جو ذھني توازن درست نه ھجڻ ٻڌايو پيو وڃي ٻي طرف حد جي بلڙيءَ پوليس آپگھات ڪندڙ نوجوان جودو ڪولھي جو لاش کڻائي بلڙيءَ شاھ ڪريم جي رورل هيلٿ سينٽر پھچايو جتان ضروري ڪارروائي ڪرڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو پوليس موجب نوجوان آپگھات ڪئي آھي يا ڪو ٻيو معاملو آهي ان جو پتو ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کانپوءِ پوندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.