روهڙي مان نينگر گم، اغوا شڪ، وارثن جو احتجاجي مظاهرو

روھڙي (ن ع آ ) روھڙي مان چار ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل نينگر جي وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي روھڙي ڪوٽ مير يعقوب علي شاھ جي رهواسي پورهيت غلام علي شيخ ۽ ٻين روهڙي پريس ڪلب پهچي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته سندس پندرهن سالا نينگر وقار علي شيخ خميس واري ڏينهن گھران نڪري ويو ته واپس ناهي موٽيو شڪ آهي ته  سندس ڪنهن اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، پورهيت جو چوڻ هو ته  اهڙو اطلاع بروقت روھڙي پوليس ۽ سکر 15 مددگار ھيلپ سينٽر تي پڻ ڏنو ويو پر چار ڏينهن گذرڻ باوجود سندس پٽ جو پتو ناهي پئجي سگهيو پوليس پٽ جي ڳولها ۾ سرگرم ناهي ۽ سندس پراسرار نموني گم ٿي ويل نينگر وقار شيخ جي امڙ کي مسلسل بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن گهر ۾ ڦاڪا ڪشي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، ايس ايس پي ۽ انساني همدردي لاءِ ڪم ڪندڙ فلاحي تنظيمن جي اڳواڻن کان سندس پٽ جي ڳولها لاءِ مدد گهري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.