باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيو، تعلقي موومينٽ جي سڏ تي احتجاج، ڌرڻو

باڊھه  ( رپورٽ: نظام ڪولاچي   )  باڊهه تعلقي موومينٽ پاران هر آچر جيان هن آچر تي به باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ واري احتجاج جي سلسلي ۾ باڊهه تعلقي موومينٽ ڊپٽي ڪنوينرن زيب علي ساريو۽ ڪامريڊ قادر بروهي جي اڳواڻيءَ ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي باڊهه پريس ڪلب کان حيدر چؤڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي علي انور عسڪري، اصغر نوناري، اسحاق مشوري، ڪامريڊ محمد علي خشڪ، منور نوناري، شمس پنهور، دودو ديشي، عالم بروهي، فدا حسين تنيو، نبي رضا بلوچ، طاهر نور هيسباڻي، مظهر نوشاد ڦلپوٽو، محمد هاشم مدني سومرو، محمد امين سيال، مور سنڌي، افضل سانڀل، جمال خاصخيلي، نور ساريو، صدام ڦلپوٽو، منظور نوناري، سعيد نوناري، بخشل مگسي، علي زهري، جلال فقير ساريو سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري باڊهه تعلقي جي حق ۾ نعرا هنيا، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته باڊهه شهر سان چونڊيل نمائندن توڙي سنڌ حڪومت ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رکيو آهي باڊهه کي تعلقي، باءِ پاس، صحت تعليم پاڻي سميت ٻين بنيادي مسئلن کان محروم رکيو ويو آهي. شهر ۾ ٽرئفڪ جو آزار وڌي ويو آهي، ڌنڌا ڪاروبار ٺپ ٿي ويا آهن. لائبرري ۾ ڪتابن سميت ٻين سهولتن جي کوٽ برقرار آهي، ٽئڪسي اسٽينڊ نه هئڻ ڪري گاڏيون روڊ تي دڪانن اڳيان بيهاريون وڃن ٿيون. اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ به ختم نه ٿي سگهي آهي، جنهن مان تڪ جي چونڊيل نمائندن جي نااهلي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه، فريال ٽالپر سميت ٻين کان مطالبو ڪندي چيو ته باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏئي رهواسين ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ باڊهه واسي بلدياتي اليڪشن جيان جنرل اليڪشن ۾ به پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ ووٽ ڏيندا. هنن چتاءُ ڏنو ته جيسيتائين باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو نه ڏنو ويندو، تيسيتائين اسان جي هي جدوجهد جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.