پير ڳوٺ ويجهو پراڻي تڪرار تان گهر تي حملو، فائرنگ، نوجوان قتل

پيرجوڳوٺ ( رپورٽ : علي گل جوڻيجو )  پيرجوڳوٺ ويجهو ڪچي واري علائقي عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي حد ڪي ٽي زمان شاهه ۾ هٿياربندن پراڻي تڪرار تان محبوب رند جي گهر تي حملو ڪري ڇتي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي  ۾ 22 سالا نوجوان عرض محمد پٽ محبوب رند قتل ٿي ويو. جڏهن ته عبدالرحمان انڙ پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پيرجوڳوٺ اسپتال آڻي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ مقتول نوجوان جي پيءُ محبوب  ميڊيا کي ٻڌايو ته پنهنجي برادري سان پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو جن ھٿياربندن گهر تي حملو ڪري پٽ کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. عبدالرحمان انڙ پوليس موجب مقتول جي ڌر سان پراڻو برادريء تڪرار هلندڙ هو جيڪي 20 سال اڳ شڪارپور مان لڏو کڻي ڪچي ويٺا  هئا جتي هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان قتل ٿي ويو پوليس جي معاملي جي وڌيڪ جانچ ڪري رهي آهي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.