مانجهند لڳ ڊرائيور ۽ ڪلينر يرغمال، ڏوهاري سامان سميت مزدا ڪاهي ويا

مانجهند ( رپورٽ: بابو عمراڻي )  خاڻوٺ  ڀرسان ميمڻ برادرس گڊس ٽرانسپورٽ ڪمپني جي حيدرآباد کان 70 لک روپين جي ماليت جو سامان  کڻي مانجهند طرف  ايندڙ مزدا کي اڻڄاتل هٿيارببدن باز ڪنڊو انڊس هاءِ وي تي روڪي  ڊرائيور محمد رمضان  ماڇي سندس پٽ  ڪلينر کي لاهي سندن اکيون هٿ پير ٻڌي کين يرغمال بڻائي ڪار ۾َکڻي ڄامشورو ويجهو ڦٽو ڪري سامان سان ڀريل مزدا ڪاهي فرار ٿي ويا ڊرائيور جي رڙين تي مقامي ماڻھن سندن  رسا کولي خاڻوٺ  ٿاڻو آندو هوڏانهن ڪمپني مالڪ محمد يونس ميمڻ ٻڌايو  ته  مزدا ۾   70 لک روپين جو  سامان رکيل هو جيڪو خاڻوٺ کان سن تائين واپارين تائين پهچائڻو هو خاڻوٺ پوليس ٻڌايو ته جاءِ واردات تي پهتا آھيون جوابدارن جا پيرا به گم آھن  مزدا کي ڪوٽڙي مان هٿ ڪيو اٿئون وڌيڪ جانچ هلي پئي جلد ڪو نتيجو ڪڍنداسين، ٻئي طرف هتان جي ساڃاهه وندن علي نواز ڪنڀر، لياقت ملاح ۽ ٻين  تعلقي مانجهند ۾ وڌندڙ بدامني تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي ته پوليس ڀوتارن جي ونگار وهندي ڏوهارين کي ڇوٽ ڏئي آھي، جنهن سبب  عوام جي جان مال محفوظ ناهن،  ڦر ٿيل سامان فوري طور واپس ڪرائي وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.