سڪو ڦاٿل ٻارڙي لاڙڪاڻي منتقل، پيءُ علاج لاءِ دانهون

لاڙڪاڻو(ڊ ر) شهدادڪوٽ ڀرسان ڳوٺ اعتبار چانڊيو جي رهواسي چئن ورهين جي معصوم نينگري جي ڳلي ۾ سڪو ڦاسي پيو، وارثن علاج لاءِ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ آندو، جتي ڊاڪٽرن پاران نيگري جو سڪو ڪڍڻ ۾ سست رفتاري. ان سلسلي ۾ ڪالھ شهدادڪوٽ ويجهو ڳوٺ اعتبار چانڊيو جي نينگري بينظير ڌيء عنايت چانڊيو کي راند کيڏندي ڳلي ۾ 5 روپين جو سڪو ڦاسي پيو، جنهن کي سندس وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ آندو، جتي اسپتال انتظاميه جي مبينا لاپرواهي سبب ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود نينگري جي ڳلي مان سڪو نه ڪڍيو ويو. ان موقعي تي متاثر نينگري جي پورهيت والد عنايت چانڊيو صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي چئن ورهين جي معصوم نينگري کي راند ڪندي ڳلي ۾ 5 روپين جو سڪو ڦاسي پيو، جنهن کي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو آهي. هن ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرن مٿان الزام مڙهيو ته ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود نياڻي جي ڳلي مان سڪو ناهي ڪڍيو ويو، جنهن سبب منهنجي معصوم نينگري بستري تي تڙپي رهي آهي، جڏهن ته اسپتال جو عملو منهنجي نينگري جي ڳلي مان ڦاٿل سڪو ڪڍڻ ۾ سست رفتاري ڏيکاري رهيو آهي، مان غريب مسڪين آهيان، جنهن جي ڪري ڊاڪٽر منهنجي نياڻي جو علاج صحيح نموني نه ڪري رهيا آهن، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن اختيارين کان گهر ڪئي ته لاپرواهي ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي ڪري منهنجي نياڻي جي ڳلي ۾ ڦاٿعل سڪو جلد ڪڍرائي سندس جي زندگي بچائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.