پنو عاقل پوليس نوجوان کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي جي دعويٰ

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ ) پنوعاقل پوليس پاران ھڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي وئي آھي ، ايس ايس پي سکر جي ترجمان پاران جاري ڪيل پريس پڌرائي موجب پنوعاقل جي سٽي پوليس مقابلي دوران ھڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آھي جنھن وٽان ھٿيار پڻ برآمد ڪيو ويو آھي، پريس پڌرائي موجب گھريو ڳوٺ ڦاٽڪ وٽ لينڪ روڍ تي سٽي پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو ٿيو مقابلي دوران پوليس جي فائرنگ ۾ ھڪ جوابدار بابن جعفري پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿيو جنھن وٽان ٽي ٽي پسٽل به برآمد ٿيو آهي جڏھن ته ٻھ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھن ، ايس ايس پي سکر جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار دھشتگردي اغوا پوليس مقابلن سميت مختلف ڪيسن ۾ پوليس کي گھربل ھو، جڏھن ته زخمي ٿيل جوابدار تي ست ڪيس ظاهر ڪيا ويا آھن ، ھوڏانھن مبينا  زخمي ٿيل جوابدار  کي پوليس موبائيل ۾ کڻي علاج لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو آھي جتي زخمي جو علاج ھلندڙ آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.