ڏهرڪي لڳ گهر تي حملي بعد اغوا ٿيل ناري آزاد نه ٿي، وارثن جو احتجاج

ڏهرڪي ( ن ع آ )  ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ لڌو رهڙڪي جي رهواسي جاويد راٺوڙ فقير  بين احتجاج ڪندي چيو آهي ته  تقريبن ٽي هفتا اڳ جوبدارن راشد فقير، سليم فقير، سجاد فقير ۽ عامر فقير وارن زبردستي گهر تي حملو ڪري اسان جي 14 سالن جي نياڻي شيلا مائي کي اغوا ڪري ويا آهن جنهن جي بازيابي لاءِ اسان ايس ايڇ او ڏهرڪي وٽ چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر ان باوجود پوليس هن ووقت تائين منهنجي ڌي شيلا مائي کي اغوا ڪارن کان بازياب نه ڪرائي سگهي آهي ويتر ڏهرڪي پوليس جو اغوا ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ اسان کان پنجاھ ھزار رشوت گهري ٿي انهن چيو ته اسان وٽ ايترا  رقم ناهي جو اسان رقم ڏئي نياڻي جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايون هنن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي نياڻي بازياب ڪرائي اغوا ڪارن اسان اغوا جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.