خيرپور(ڊ ر ) خيرپور ڀرسان پريالوءِ ۾ نوجوان عمران خاصخيلي پنهنجي زال سان ڪاوڙجي زهريلي دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور جي ايمرجنسي وارڊ داخل ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پريالو جي رهواسي نوجوان عمران خاصخيلي زهريلي دوا پي ڇڏي نوجوان پنهنجي گهر واري سان معمول ڳالھ تان ڪاوڙجي گهر ۾ پيل جيت مار زهريلي دوا پيتي نواجون کي سندس وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خيرپورسول اسپتال پهچايو جتي سندس اعلاج جاري آهي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.