بلوچستان جي علائقي ۾ ٻه ڌار ڌار واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت

جيڪب آباد ( ڊر )  بلوچستان جي علائقي ڊيرامراد جمالي شھر جي ريلوي اسٽيشن جي ھڪ ئي محلي ۾ گھر جي بجلي ٺاھيندي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب عبدالفتاح بنگلزئي فوت ٿي ويو جڏھن ته موٽر جي تار مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب محمد انور دايو فوت ٿي ويو ٻنھي فوتين جي گھرن مان جنازا کڄڻ مھل ڪھرام مچي ويو پوليس موجب ريلوي اسٽيشن محلي ۾ بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري عبدالفتاح بنگلزئي ۽ محمد انور دايو فوت ٿي ويا آھن ٻئي واقعا اتفاقي ٻڌايا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.