جاگڻ ۾ڏوهارين خلاف سرچ آپريشن،جوابدار نه ملڻ تي پوليس 15 گهر ساڙي ڇڏيا

ميان صاحب  (رپورٽ: مظفر ملڪ) همايون ٿاڻي جي حد مان راهوجا برادري جي ماڻهن کان هفتو اڳ هٿياربندن هٿان ڦر ٿيل چوپائي مال جي واپسي ۽ واقعي ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتارين لاءِ ڊي ايس پي سلطان ڪوٽ جاويد لاکير جي اڳواڻيءَ ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس جاڳڻ جي علائقي ۾ ڏوهارين خلاف سرچ آپريشن ڪيو . همايون، سلطان ڪوٽ، ميان صاحب، لوڊرا ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس ٻن بڪتر بند گاڏين سان گڏ معرفاڻي برادري جي ڳوٺن کي ڪڙو چاڙهي سرچ ڪيو، جتي پوليس اهلڪارن ۽ ڏوهارين ۾ ھڪ ڪلاڪ تائين فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.اٽڪل 12 پوليس موبائلن ۾ سوار 80 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن ڏوهاري گرفتار نه ٿيڻ تي معرفاڻي برادري جي 15 گهرن کي ڊاهي ساڙي ڇڏيو جڏهن ته پوليس سرچ آپريشن دوران ڦر ٿيل 2 موٽرسائيڪلون هٿ ۽ 3 ڳوٺاڻن کي شڪ ۾ گرفتار ورتو.پوليس موجب اهي موٽرسائيڪلون هفتو اڳ همايون ۽ ٻين ٿاڻن جي حد مان خان پور واسي عبدالرشيد ٻپڙ ۽ هڪ ٻئي واپاري کان ڦر ٿيون هيون جيڪي مالڪن حوالي ڪيون ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.