سياسي ويڙھ سبب معاشي بحران وڌڻ جو خطرو

سياستدانن جي زبان مان اھو ٻڌندا اچون ٿا تھ ملڪ نازڪ دور مان گذري  رھيو آھي، تنھن وقت تھ ان نزاڪت کي ڪنھن محسوس ڪيو ھو يا نھ پر ھاڻي  سياسي سوچ رکندڙ ماڻھون نھ رڳو اھو قبول ڪن ٿا تھ ملڪ نازڪ دور مان گذري رھيو آھي بلڪھ ڪجھھ ماھر چون ٿا تھ ملڪ معاشي طور ھن وقت  ھڪ خطرناڪ موڙ تي اچي پھتو آھي.

جيڪڏھن ملڪ جي سياسي ڌرين ۽ لاڳاپيل ادارن ، اختيارين سنجيدگي ۽ حڪمت جو مظاھرو نھ ڪيو تھ اسين انتھائي ڏکيا ٿينداسين،ھن وقت  ڪووڊ  وبا بعد سموري دنيا ۾ معاشي بحران جنم ورتو آھي، ٻئي پاسي روس يوڪرين جنگ ۾ عالمي قوتن جي ڪاھي پوڻ ۽ ڪافي ملڪن جي علائقائي تڪرارن بھ  دنيا ۾ معيشت سميت  ڪيترا ئي مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آھن، دنيا جي گولي جي وڌندڙ تپش بھ پنھنجا اثر ڇڏيا آھن،ذڪر ڪيل سببن جي ڪري ھر ڪوملڪ توڻي ھر ڌر پنھجي ۾ پورا آھن،ڪو بھ ڪنھن جي بنا مفاد جي مدد ڪري، اھو ممڪن ئي نھ رھيو آھي.

پاڪستان ۾ نظر ايندڙ سياسي توڻي معاشي گھوٽالي جي شروعات ڪا رات وچ ۾ نھ ٿي آھي اھو سڀ ھن ملڪ تي حڪمراني ڪندڙ قوتن،سياسي ڌرين ۽ اسٽيبلشمنيٽ جي ورھين جي پاليسين جو نتيجو آھي،جيڪو ڪجھھ سياسي ميدان ۾ نظر اچي ٿو ان جي لاءِ  بھ ملڪ جي انھن اصل ڌڻين کي بھ ڏوھي قرار ڏئي سگھجي ٿو جيڪي ملڪي وھنوار  جي ماسٽر چاٻي ھميشھ پنھنجي ھٿ ۾ رکندي آيا آھن.

2014 کان وٺي سياست جي ميدان ۾ پسند ۽ ناپسند جو جيڪو معاملو شروع ڪيو ويو ھو تنھن ھاڻي وڃي ھنڌ ڪيو آھي،ھٿ سان ملڪ ۾ اھڙين قوتن کي اڳتي آندو ويو جن ھتي غيرجمھوري ڪلچر،انتھاپسندي،مدي خارج ۽ عوام دشمن روين جو ٻج ڇٽيو  ويو،جنھن سان واڌ ويجھھ ڪندڙ  جمھوري روين تي منفي اثر پيو، ھن نج عوامي وھنوار واري شعبي ۾ جوڙي ٺاھي ھٿ ٺوڪيا ليڊر اڳيان آندا ويا،جن عوام جي حقن کان انڪار ڪندي اسٽيبلشمينٽ جي مفادن کي اڳيان رکيو، ان  ملڪ ۾ ھلندڙ انڌي منڊي جمھوري نظام کي ويڙھي ڇڏيو.

ملڪ جي اندر جيڪو ڪجھھ ٿي رھيو آھي ان کي ڀلي تھ جمھوريت جو نالو ڏنو وڃي پر ھاڻي ڪو بھ جمھوريت جي اصولن جي پاسداري ڪرڻ جي لاءِ تيار نظر نٿو اچي.

ويجھي ماضي جي ڪجھھ سياسي روين مان ان  جو خوب اندازو ٿي رھيو آھي.اھو ھڪڙو پاسو آھي ھن  معاملي جو ھڪ ٻيو ڏکوئيندڙ ۽ عوام جي لاءِ انتھائي خراب پاسو  ملڪ ۾ معاشي گھوٽالي جو آھي جيڪو  وڌي رھيو آھي،ڳچ وقت کان  پاڪستان عالمي ادارن توڻي ٻين ملڪن کان قرض وٺي پنھنجا معاملا ھلائي رھيو  آھي،جنھن جو ھڪ ڳڻتي جوڳو پھلو ھي آھي تھ ملڪ جي بجيٽ يا حاصل ٿيندڙ قرض واري رقم جو وڏو حصو ھميشھ غير پيداواري شعبي تي خرچ ٿيندو رھيو آھي،جنھن سان نھ عام ماڻھون کي ڪو فائدو ٿيو آھي نھ وري ملڪ ۾ ڪي صنعتون لڳيون آھن نھ ئي پبلڪ سيڪٽر ۾ اھڙي اڳڀرائي ٿي آھي، نتيجو ھي نڪتو آھي تھ ملڪ جي مجموعي پيداوار ۾ ڪو بھ اضافو نٿي سگھيو آھي،ھر ڀيري ڪجھھ وقت بعد وري ملڪ تي چڙھي ويل قرض کي لاھڻ جي لاءِ وري نئين سر قرض ورتو ويو آھي، اھڙي مجموعي ڪارڪردگيءَ ڪري ھن ملڪ جو ھر جنم وٺندڙ ٻار قرض جي بار ھيٺ دٻجي رھيو آھي.

ملڪ ۾ جاري بحران جي ڪري سياستدانن وٽ معيشت جھڙي اھم شعبي کي پٺتي رکيو ويو آھي،ھر ڪنھن  پنھجي سياست چمڪائڻ جي چڪر ۾ معشيت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏو آھي. معاشي ماھرن جو چوڻ آھي ته پاڪستان ۾ موجوده حڪومت اچڻ باوجود به بحران ٽريو ناهي بلڪه وڌيو آهي.ھنن جو چوڻ آھي تھ اھ عجيب  ڳالهه آهي ته معيشت ٺيڪ ڪرڻ بدران ملڪ جا سياستدان هڪ ٻئي تي گارين جي وٺ وٺان ڪرڻ ۾ پورا آهن، هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ ماھرن جو چوڻ ھو تھ سياست ۾ اخلاقيات ناهي رهي،ڪو اهو  پڇي ئي نٿو تھ ڊالر ڪٿي وڃي پھتو آھي.معيشت جي ڪنهن کي به پرواهه ناهي، هر ڪو ڪرسي جي ڊوڙ ۾ لڳل  آهي،ھڪ ماھر اھو بھ  چيو ته سياستدانن ۾ بلوغت جي کوٽ آھي.ھنن جو چوڻ ھو تھ  پنجاب ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اها انا جي جنگ آهي.ھنن جو چيو تھ معاشي صورتحال اڃا ايتري خراب ناهي ٿي،پر اھو  سلسلو جاري رھيو تھ  پوءِ ھڪ موڙ اھڙو ايندو جو معيشت  بچائي نه سگهبي.

اسان سمجھون ٿا تھ اقتصادي ماھرن جي ڳڻتي بي جا نھ آھي، اھو سڀ ڪجھھ اکين سان ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي، تنھنڪري سمورن سياستدانن کي ميچوئرٽي جو مظاھرو ڪندي، ملڪ کي درپيش معاشي ۽ سياسي بحران کي ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ويھي ڪو اھڙو حل ڳوڻ گھرجي جنھن سان ملڪ جي عام ماڻھون جي زندگيءِ ڪنھن حد تائين سولي ٿي سگھي.

سياسي ڌرين جيڪڏھن حقيقي طور عوام جي خدمت ڪرڻ چاھين ٿيون ۽ کين ملڪ جو فڪر آھي تھ پوءِ اھي پاڻ ۾  ويھي معشيت توڻي سياست جا ڪي اصول ۽ قانون مقرر ڪن جن تي پھرين پاڻ عمل ڪن ۽ ان بعد ٻين کان اھڙي توقع رکن،ھو ھڪ ٻئي جي ڄنگ ڇڪڻ کان پاسو ڪن ۽ ھارائڻ ۽ کٽڻ کي پنھنجي انا جو مسئلو نھ سمجھن، سياستدان پنھنجي دل ۽ دماغ کي ڪجھھ وسيع ڪن ۽ ھر ڌر جي ڳالھھ،نطرئي ۽ فڪر جي احترام ڪرڻ سان گڏوگڏ عوام جي مليل مينڊيٽ جو احترام ڪن. ملڪ کي ھاڻوڪي گھوٽالي مان ڪڍڻ جو ڪو بھ ٻيو رستو نھ آھي.سياسي ويڙھ  سبب معاشي بحران وڌڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو آھي.

جيڪڏھن ھن وقت بھ سياسي ڌريون ھڪ ٻئي جي ڳالھھ ۽ مينڊيٽ جو احترام نٿيون ڪن تھ اھو سمجھيو ويندو تھ ھنن کي عوام سان، عوام جي خدمت سان ڪا دلچسپي نھ آھي پر اھي پنھنجي انا جي گھوڙي تي چڙھي ھن ملڪ کي تباھھ ڪرڻ واري ايجنڊا تي ڪم ڪري رھيون آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.