لکي غلام شاهه (رپورٽ نديم جان مهر) روهڙي جي پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل چڪ واسڻ پوڄا ڪماري جي قتل جو جرڳو لکي غلام شاھ ويجهو دودو ڳوٺ ۾ يوسي منگراڻي جي چونڊيل چيئرمين حاجي مشتاق مهر ۽ چڪ واسي جهوني وڪيل مشتاق مهر جي سرپئنچي هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مقتول ناري جي وارثن ۽ الزام هيٺ آيل ڌر سميت اوڏ ۽ لاشاري برادري جي ماڻھن شرڪت ڪئي.جرڳي ۾ناري پوڄا ڪماري اوڏ جو خون ثابت ٿيڻ تي جوابدار ڌر مٿان 28 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جوابدار واحد بخش لاشاري ۽ ٻين جوابدارن جي وارثن فتويٰ قبول ڪندي 28 لک ڏنڊ واري رقم مان 50 هزار رپيا موقعي تي ادا ڪيا، باقي رقم چئن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي. ياد رهي ته پوڄا ڪماري کي روهڙي لڳ پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي قتل ڪيو ويو هو.