جوهي ۾ ڳوٺاڻن کان موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ، احتجاج

جوهي ( ن ع آ ) جوهي جي ڳوٺ جمع پنهور جا رهواسي ذوالفقار پنهور رشيد ،حميد پنهور موٽر سائيڪل تي جوهي کان ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته ٽن هٿيار بندن ڳوٺ گل محمدگاڏھي  پوليس پوسٽ جي سامهون هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل روڪي سخت تشدد بعد کانئن موٽر سائيڪل, موبائل فون 12هزار روڪ ڦر ڪري ويا آهن, اهڙي ڦُر واقعي خلاف متاثرين ڳوٺاڻن ذوالفقار  علي پنهور ٽي ايل پي جي اڳواڻ شاھ محمد گاڏھي, قنبير پنهور ,الهڏنو ,حاجي گلڻ پنهور , حاجي حسن پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جوهي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪل جي واپسي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري جوهي دادو مين روڊ تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ رُڪجي وئي ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو آھي ته حڪومتي ڌر جي اميدوارن کي ووٽ نه  ڏيڻ سبب ملڻ هٿ سان بدامني ڪرائي حراسان ڪيو پيو وڃي, هنن چيو ڦر جي  واقعي خلاف جوهي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آھي مگر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو ،  ھنن ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته جوهي ۾ ھٿرادو پيدا ڪيل بدامني تي ضابطو آڻي ڦر ٿيل موٽر سائيڪل موبائل فون واپس ڪرائي امن امان کي يقيني بڻايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.