ڪوٽڏيجي ۾بد امني، چوريون ڦرون وڌي ويون، شهرين جو احتجاج، ٽائرن کي باهيون

ڪوٽڏيجي( رپورٽ ) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ۾ بدامني وڌي وئي پوليس ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام گذريل ڏينهن ڪوٽبنگلو شھر مان سعيد گوپانگ جي دڪان اڳيان بيٺل سي ڊي موٽر سائيڪل 2022 ماڊل نامعلوم چاٻي چور ڪاھي فرار ٿي ويا ڪوٽبنگلو ۾ وڌندڙ بدامني خلاف گوپانگ برادري جي ماڻهن غلام شبير عرف شبن گوپانگ جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه ڪوٽبنگلو مير واھ پل تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري  ايس ايڇ او ڪوٽڏيجي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ايس ايڇ او ڪوٽڏيجي اسلم لغاري نااهل آهي اڳ به اسان جون ٻه موٽر سائيڪل چوري ٿي ويون جيڪي واپس نه ٿي سگھيون مٿان وري ٽين موٽر سائيڪل چور ڪاهي ويا پوليس کي بروقت اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو نه ئي رابطو ڪيو ايس ايڇ او اسلم لغاري کي هٽائي چوري ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرائي ڏنو وڃي 3 ڪلاڪن جي ڌرڻي سبب ٽريفڪ جام ٿي ويو سوين گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون 3 ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي ڪوٽڏيجي شوڪت علي رند ايس ايڇ او ڪوٽڏيجي اسلم لغاري مظاهرين وٽ پهچي ڳالھيون ڪري ٻن ڏينهن تائين موٽر سائيڪل واپس ڪرائڻ جي يقين دهاني بعد روڊ کوليو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.