برسات متاثرن جي فوري مدد جي ضرورت آهي: محمد حسين محنتي

اسلام ڪوٽ(ت،ر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي اسلام ڪوٽ پهچي برسات متاثر پاڙن جو دورو ڪيو ۽ متاثرن سان ملاقات ڪئي،گذريل چوويهن ڪلاڪن دوران مسلسل برسات سبب اسلام ڪوٽ جا مختلف پاڙا پاڻي هيٺ اچڻ ڪري ٻوڏ سبب ڪيترائي ڪچا گهر پڻ ڊهي پٽ ٿي ويا هئا،ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جي صوبائي امير محمد حسين محنتي الخدمت فائونڊيشن جي رضاڪارن سان گڏ متاثر خاندانن سان ملاقات ڪري حال احوال ورتا،اُن موقعي تي محمد حُسين محنتي چيو ته برسات متاثرن جي فوري مدد جي ضرورت آهي،سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هو فوري طور تي متاثرن جي مدد ڪري ۽ نوٽيس وٺي ته جيئن گهرن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ٿي سگهي،مڪاني ادارن جي نااهلي سبب برسات شهرين لاءِ امتحان بڻجي وئي آهي،جيڪو سنڌ حڪومت جي نااهلي جو ثبوت آهي،ھن چيو ته الخدمت پاران جلد متاثرين جي ھنگامي مدد پڻ ڪئي ويندي.ان موقعي تي جماعت اسلامي جي ضلعي امير عبدالسبحان سميجو،مير محمد بليدي،الخدمت ڦائونڊيشن جي ضلعي صدر عبدالغني بجير،ياسين لطيف،شاهنواز ۽ ٻيا پڻ موجود هئا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.