آر بي او ڊي کي ڪٽ، سم وارو پاڻي ڪراچي واهه ۾ ڇڏيو ويو

ڪراچي(م ڊ) ڄامشورو ٽائون انتظاميا جي حڪم تي رائٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (ار بي او ڊي) جو سم وارو صحت لاءِ نقصانڪار پاڻي ڪراچي واهه ۾ ڇڏيو پيو وڃي، ڄامشوري جي مقامي رهواسين مطابق ٽائون ايڊمنسٽريٽر ڄامشورو آر بي او ڊي کي ڪٽ لڳائي سم وارو صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي ڪراچي واهه ۾ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي، ان حوالي سان آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي واهه مان ڄامشورو شهر، مهراڻ يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪوٽڙي شهر کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو، آبپاشي اختيارين مطابق واهه جو پاڻي ڪينجهر ڍنڍ ذريعي ڪراچي شهر کي به سپلاءِ ڪيو وڃي ٿو، بئي پاسي ڄامشورو ٽائون انتظاميا جو چوڻ آهي ته آر بي او ڊي سم نالي ۾ برساتي پاڻي اوور فلو ٿي ويو آهي، آر بي او ڊي اوور فلو ٿيڻ کانپوءِ پاڻي ڪراچي واهه ۾ ڇڏڻ کان علاوه ٻيو ڪو رستو ناهي، ان ڪري ايڊمنسٽريٽر ڄامشورو سم نالي کي ڪٽ لڳرائي پاڻي ڪراچي واهه ۾ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.