عمران بعد اتحادي حڪومت جي توپن جا رخ ادارن طرف

اسلام آباد (تبصرو : افتخار ڪاظمي) ملڪ ۾ عام چونڊن جا افواهه زور پڪڙي ويا آهن ۽  عمران خان کانپوءِ حڪومت ۽ اتحادين جي توپن جا رخ به ادارن طرف ٿي ويا آهن، نامياري تجزئي نگار افتخار ڪاظمي جوچوڻ آهي ته جيڪڏهن ادارا عمران خان جي دٻاءُ  ۾ اچي آڪٽوبر ۾ چونڊون ڪرائين به ٿا ته سوال آهي ته اڪثريت نه ملڻ جي  صورت ۾ عمران خان نتيجا قبول ڪري خاموش ويهي رهندو؟  ڇو ته هن جو مطالبو رڳو چونڊون ڪرائڻ نه پر ٻه ڀاڱي  ٽي اڪثريت ڏياري اقتدار ۾ آڻڻ  آهي، ان جو سولو جواب اهو آهي ته عمران خان کي اقتدار گهرجي چونڊون ٿين يا نه ٿين عمران کي وزير اعظم جي ڪرسي گهرجي. ان ڪري جيڪڏهن عمران خان  کي اقتدار ۾ آڻڻو آهي به  پوءِ چونڊن  ڪرائڻ ۽ موجود تباهه حال معشيت  تي عام چونڊن جي خرچ جو بوجهه وجهڻ جي ڪهڙي  ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته ادارا عمران جي دٻاءُ ۾ اچن ٿا ان ڪري هاڻي اتحادين به دٻاءُ  وجهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، مولانا فضل الرحمان  ۽ مريم نواز جا بيان ان جو ثبوت آهن.

آڪٽوبر ۾ چونڊون، ڇا عمران ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ماڻيندو؟

لنڊن (تجزيو : انيق ناجي) پاڪستان جي سياسي منظر نامي مان  محسوس رهيو آهي ته مستقبل ۾ چونڊون آڪٽوبر ۾ ٿينديون ۽ لاڏلوعمران  ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان اقتدار ۾ ايندو، نامياري صحافي انيق ناجي جو خيال آهي ته (ن) ليگ جي بيان کي عمران خان اختيار ڪيو آهي ۽  ان جو خطرناڪ حد تائين پنهنجي فائدي ۾ استعمال به ڪري رهيو آهي. مستقبل ۾ به اهو بيان خوب وڪرو ٿيندو ۽ اها دراصل اسٽيبلشمينٽ جي توڙي مفاهمت جي گهوڙي تي سوار (ن) ليگ جي تاريخي شڪست هوندي ڇو ته (ن ) ليگ پنهنجي بيان تان هٿ کڻي چڪي آهي ۽ ان بيان جو وارث عمران خان بڻجي چڪو آهي. انصار عباسي جي خبر جي ترديد ڀلي ٿئي پر ان کي هلڪو وٺڻ نه گهرجي ڇو ته انصار عباسي اسٽيبلشمينٽ جو ئي نمائندو آهي ان ذريعي ئي ميڊيا کي خبرون ڏنيون وينديون آهن، ٻئي طرف عدليا جو ڪردار به داغدار ٿي چڪو آهي. جڏهن ملڪ جي اهم ادارن جو ڪردار مشڪوڪ بڻجي وڃي ته پوءِ ڪجهه به ممڪن هوندو آهي.

شهباز کان حڪومت، ن ليگ کان سياست نه هلي

لاهور (تبصرو : امداد سومرو) مداخلت نرم نه گرم ٿيندي آهي سخت مزاج نرم نه ٿيندا آهن نظر اهو ٿو اچي ته نه شهباز شريف کان  حڪومت ٿي هلي نه (ن) ليگ کان سياست پئي ٿئي نامياري صحافي امداد سومري موجوده حالتن تي تبصرو  ڪندي چيو آهي ته جڏهن عدالتون پارليامينٽ  جي ڪارروائي تي ڪارروائي ڪنديون ۽ ايوان جي صدارت ڪندڙ کي طلب ڪنديون جنهن جو مطلب ته ايوان کي طلب ڪرڻ آهي ته پوءِ جيڪي حالتون پيدا ٿينديون  اهي سڀني جي سامهون آهن، ڇو ته ادارا پنهنجين حدن ۾ نه رهندا ۽ آئين لکندا ۽ ان جي تشريح به ذاتي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ڪندا ته آڱريون به کڄنديون. قاسم سوري کي طلب نه ڪبو ۽ دوست  محمد مزاري کي طلب ڪبو ته شڪ شبها ته جنم وٺندا، سوال به ٿيندا سو هن وقت هر طرف کان عدليا تي سوالن جي بوڇاڙ آهي. نتيجي طور  عدليا جي ساک داءُ تي لڳي چڪي آهي.

عدليه تي بي اعتمادي، مارشل لا جي راهه هموار ٿيڻ لڳي

لاهور (تبصرو: عمران شفقت ) ملڪ جي اعليٰ عدالت تي ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين آخرڪار بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏيآهي، نامياري صحافي عمران شفقت سياسي صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته دنيا جي جنهن به ملڪ ۾ عدالت تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي ويندي آهي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ان ملڪ ۾ مارشل لا لڳي ويندي آهي. پاڪستان ۾ به حالتون هينئر مختلف نه آهن ڇو ته ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين جي گڏيل حڪومت آهي ۽ حڪومت عدليا تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، الزام آهي ته اعليٰ عدليا جي هڪ بئنچ لڳاتار هڪ سياسي پارٽيءَ جي حق ۾ فيصلا ڪري رهي آهي. سچ ته عدليا تي اهڙو الزام خطرناڪ ۽ داغ برابر آهي، ان جو ڀيانڪ نتيجو اهو نڪرڻو آهي ته جمهوري نظام جي تڏا ويڙهه ٿي سگهي ٿي ۽  اهو عمل به هڪ سياسي پارٽيءَ  جو مطالبو پورو ڪرڻ هوندو ڇو ته 9 اپريل کان عمران خان جو مطالبو رهيو آهي ته نيون چونڊون ڪرايون نه ته مارشل لا لڳايو، سو صورتحال ڳنڀير آهي ۽ 24 ڪلاڪ اهم آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.