حب ڪئنال کي گهارو، پاڻي ويجهن ڳوٺن ۾ داخل

حب(ن ع آ) حب ڊيم مان ڪراچي کي پاڻي سپلاءِ ڪندڙ واهه ۾ گهارو پئجي ويو ۽ متاثر حصي مان وهندڙ پاڻي ويجهن ڳوٺن ڏانهن وهڻ لڳو  آهي، واٽر بورڊ ذريعن مطابق ناردرن باءِ پاس دعا هوٽل ويجهو حب واهه جو حصو ٽٽو آهي، ان واهه مان ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو، متاثر حصي مان وهندڙ پاڻي ويجهن ڳوٺن ڏانهن وڃي رهيو آهي، شديد برسات جي ڪري اهو حصو ٽٽو آهي، پاڻي عيسيٰ ۽ خميسو ڳوٺ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، هڪ ڪلاڪ گذرڻ باوجود انتظاميا نه پهچي سگهي، ذريعن مطابق ڪراچي ۾ پاڻي جي سپلاءِ به متاثر ٿي سگهي ٿي، ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته پاڻي منگهوپير جي غيرآباد علائقي ۾ وڃي رهيو آهي، گهارو بند ڪرڻ لاءِ مشينري گهرائي پئي وڃي، حب ڪئنال جي مرمت تائين پاڻي جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.