وڏو وزير شهر۾ نڪري پيو ، شهري برساتن ۾ ٻاهر نه نڪرن: مراد شاهه

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ برسات دوران وڏو وزير به شهر ۾ نڪري پيو.  سيد مراد علي شاھ ڪابينا جي ميمبرن ۽ چيف سيڪريٽريءَ سان ھيٺين ۽ پراڻن علائقن ڏانھن پھچي ويو ۽ برساتي نالن جي مناسب نيڪالي ۽ سيس پول مشينون لڳائڻ جو معائنو ڪيو. وڏي وزير سان گڏ اطلاعات وارو وزير شرجيل ميمڻ، مڪاني ادارن وارو وزير ناصر حسين شاهه، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ ۽ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ نجم شاهه به گڏ هئا. وڏي وزير دوري جي شروعات ۾ شاهين ڪمپليڪس پھتو ۽ شاهين ڪمپليڪس کان ڪلفٽن ڏانھن وهندڙ نالي جو معائنو ڪيو. وڏي وزير ضياءُ الدين روڊ جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ بيٺل پاڻي جي نيڪال لاءِ روڊ تي سيس پول لڳرايو. سنڌ جي وڏي وزير آءِ آءِ چندريگر روڊ تي سٽي اسٽيشن ۽ پوءِ حبيب بئنڪ پلازه جووٽ نالي جو دورو ڪيو ۽ ان جي وهڪري جو معائنو ڪيو. حبيب بئنڪ پلازه ۾ نيڪال جو عمل سست هو ان ڪري برساتي پاڻي جي وهڪري کي تيز ڪرڻ لاءِ اتي موبائيل پمپنگ سسٽم کي فعال ڪيو ويو. سيد مراد علي شاهه جڏھن ٽاور تي پهتو کيس معلوم ٿيو ته اڪثر ڪري اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت ۽ ڪي پي ٽي گودامن جي ڀرسان وهندڙ برساتي پاڻي جي نيڪال جي ڪري علائقو ٻڏي ويندو آھي. انھيءَ کان پوءِ سيد مراد علي شاھھ ٽاور کان لياري لاءِ روانو ٿيو ۽ مختلف علائقن جھڙوڪ امام بارگاھھ حسينيان ايرانيان کارادر، ميٺادر، لي مارڪيٽ ۽ ان جي لاڳاپيل علائقن جو دورو ڪيو ۽ يوسي 36 ۾ سيوريج پمپنگ اسٽيشن تي سيوريج پمپنگ ميشن جو معائنو ڪيو ۽ لياري ۾ برسات جي پاڻيءَ جي مناسب نيڪالي ۽ پاڻيءَ جي وھڪري جو جائزو ورتو. لياري وارو علائقو صاف ھو ۽ روڊن تي مينھن جو پاڻي بيٺل نھ ھو. . لياري مان واپسيءَ تي وڏي وزير گارڊن ايسٽ ۽ ويسٽ وارن علائقن جو دورو ڪيو ۽ پوءِ ڪي پي ٽي ۽ سب ميرين چورنگي تي موجود انڊر پاسن جو معائنو ڪيو ۽ انهن جي ڊي واٽرنگ سسٽم جو پڻ معائنو ڪيو. سيد مراد علي شاهه شاهراهه فيصل وٽان گذرندڙ مختلف نالن جو دورو ڪيو، جتي واٽر بورڊ ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار ڊيوٽي تي موجود هئا. سيد مراد علي شاهه پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) سنڌ جي آفيس جو دورو ڪيو، جتي آجيان سندس صلاحڪار رليف رسول بخش چانڊيو ڪئي . پي ڊي ايم اي آفيس وڏي وزير کي برسات جي نگراني واري نظام ۽ اتي لڳل رين گيج سسٽم بابت بريفنگ ڏني وئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته موسميات کاتي جي مختلف 18 اسٽيشنن تي 41 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. کين ٻڌايو ويو ته شهر جي اترين علائقن ۾ سراسري برسات جو اندازو لڳايو وڃي ته شام 5:50 وڳي تائين 68 ملي ميٽر برسات پوندي. سيد مراد علي شاهه ڊي ايڇ اي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ اتي مختلف روڊن ۽ گهٽين ۾ مينھن جو پاڻي بيٺل ڏٺو. هن ڪي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر کي هدايت ڪئي ته سيس پول ۽ سڪشن مشينن کي ڊي ايڇ اي منتقل ڪيو وڃي ۽ بيٺل پاڻيءَ کي نيڪال ڪيو وڃي.نرسري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ شهر جي عوام کي يقين ڏياريو ته هُو برساتي پاڻي جي بروقت نيڪالي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته صبح 5 وڳي کان برسات ٿي رهي آهي پر اسان جا لاڳاپيل آفيسر ۽ بيوروڪريسي پنهنجن وزيرن سميت روڊن تي بيٺل آهن ته جيئن برساتي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻائي سگهجي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اٽڪل سمورن ننڍن وڏن نالن روڊن تي ٺهيل نالن جي صفائي ڪئي وئي آهي. ھن وڌيڪ چيو ته کيس پڪ آهي ته تيز برسات جو ٽيون اسپيل ڪو به سنگين مسئلو پيدا نه ڪندو. وڏي وزير چيو ته هن شهر جا ماڻهو اسان جي ڪارڪردگي، خلوص ۽ خدمت جي شاهدي ڏيندا، اهو ئي سبب آهي جو گذريل تيز برسات سبب شهر کي نه ٻوڙيو، اڳ ۾ شھر درياهه ۾ تبديل ٿي ويندو ھو، پر هاڻي سمورا روڊ رستا گذرڻ جي قابل آهن ۽ پاڻي پنهنجي ڪشش ثقل يا مشين ذريعي وهي رهيو آهي.  مراد شاهه  چيو ته شهري برساتن ۾ ٻاهر نه نڪرن. ڪوشش ڪنداسين ته شهرين کي تڪليف کان بچايون، عملو ڪم ۾ مصروف آهي.عوام غير ضروري طور ٻاهر نه نڪري ۽ ٻارن کي به گهرن تائين محدود رکي. 04

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.