سکر ۾ جسقم جي ريلي، ڌاري آبادڪاري سياسي مسئلو آهي، نوجوان جذباتي نه ٿين: صنعان قريشي

سکر (رپورٽر) سنڌ ۾ افغاني پناهگيرن سميت سمورن غير قانوني ڌارين جي نيڪالي لاءِ جسقم مرڪزي سڏ تي سکر ۾ تاريخي ريلي نڪتي. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد مهيسر، مومن سمون، ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو، اشرف ڪلھوڙي جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي سکر  سٽي پوائنٽ کان شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي شھر جي مُک چوڪ گهنٽا گهر تي پهچي تاريخي  احتجاجي جلسي جي شڪل اختيار ڪري وئي. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي سنڌ جا وارثو, سنڌ، سنڌي قوم جو تاريخي وطن آهي، جنهن جي تاريخي حيثيت کي ختم ڪرڻ لاءِ ۽ سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ وقت جي حڪمرانن سدائين هٿ وٺي سنڌ ۾ ڌارين کي  آباد ڪرڻ جي پاليسي ۽ سازش جوڙي آهي. هنن چيو ته حڪمرانن سنڌ کي عالمي يتيم خانو سمجهي سنڌ ۾ وڏي مقدار ۾ ڌارين پناهگيرن کي آباد ڪيو آهي، ڪڏهن بنگالين ۽ بهارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ کين خاص ڪالونيون ٺهرائي آباد ڪيو ويو آهي ته تڏهن ڪڏهن برمين کي سنڌ جي آبادي مٿان مڙهيو ويو! وري ڪڏهن افغانستان جنگ دوران لکين افغانين کي پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ پناھ ڏيڻ بدران سنڌ ۾ کين رهايو ويو آهي! جن کي هاڻي سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق به وقت جا حڪمران سنڌ مان ڪڍڻ لاءِ تيار ناهن!  سکر کان سنڌ جي وجود ۽ بقا لاءِ پرامن سياسي جدوجهد جي شروعات ڪئي آهي، جنهن جدوجهد ذريعي سنڌ ۾ غير قانوني طور تي موجود افغانين سميت سمورن ڌارين جي نيڪالي لاءِ ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي شهرن ۾ تاريخي پرامن احتجاج ڪري وقت جي حڪمرانن کي مجبور ڪنداسين ته سنڌ مان غير قانوني ڌارين کي مڪمل طور تي نيڪالي ڏني وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ موجود ڌاري آبادي سبب سنڌ ۾ بدامني، دهشتگردي ۽ مذهبي انتهاپسندي وڌي وئي آهي، ڌاري آبادي سنڌ تي معاشي بار ۽ سنڌي ڪلچر ۽ مزاج تي وار آهي! تنهن ڪري سکر جي هن مين گهڻا گهر چوڪ تي سڀئي هٿ مٿي کڻي اها گهُر ڪيو ته سنڌ ۾ موجود لکين غير قانوني افغان پناهگيرن کي سنڌ مان نيڪالي ڏئي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي. حيدرآباد قاسم آباد ۾ قتل ٿيل سنڌ جي ڳڀرو نوجوان بلاول ڪاڪا جي سمورن قاتلن کي قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي ۽ شهيد نوجوان جي ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم لڳايا وڃن. سنڌ ۾ افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين جي نيڪالي جو مسئلو سياسي مسئلو آهي، جنهن جو حل به سياسي آهي جيڪو شهيد بابا بشير قريشي جي اختيار ڪيل جدوجهد جو رستو آهي، تنهن ڪري سنڌي قوم کي خاص طور تي سنڌ جي نوجوان کي جذباتي ٿيڻ بدران سياسي پارٽين جي جدوجهد کي اهميت ڏئي، پرامن سياسي جدوجهد جو حصو ٿيڻ گهرجي. 27 جولائي تي نوابشاھ ۾ گڏ پيا ٿيو، اچو ته رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر جي روشنيءَ ۾ ۽ شهيد بابا بشير قريشي جي اختيار ڪيل مسلسل جدوجهد جي رستي تي هلي سنڌ جو تاريخي وجود بچايو. تاريخي کي جسقم سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا وارث آهيون، پرامن سگهاري سياسي جدوجهد ذريعي سنڌ جو وجود بچائينداسين، ريلي ۽ جلسي کي  ديدار شام خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ موجود لکين غير قانوني افغان پناهگيرن کي سنڌ مان نيڪالي ڏني، سنڌ ۾ ڀيڄ ڀٽائي گو افغاني گو افغاني گو تحريڪ جي شروعات ٿي وئي آهي، جلسي کي مومن سمون خطاب ڪندي چيو سنڌ ۾ ڌاري آبادي جو اهم اشو آهي، ڌاريا سنڌ جي وسيلن ۽ وجود تي بار آهن، جڏهن ته جلسي کي ڏاڍو اطهر سومرو، اشرف ڪلھوڙو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.