عمران خان ملڪ جو ماحول خراب ڪري رهيو آهي: شازيا مري

ڪراچي ( رپورٽر ) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه عطا مري چيو آهي ته عمران خان پاڪستان ۾ امن جو حامي ناهي، هي شخص ملڪ جو ماحول خراب ڪري رهيو آهي.عمران نيازي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڪوڙو انسان آهي، هو هڪ کان پوءِ ھڪ ٻيو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، عمران خان ملڪ جي امن ۽ يڪجھتي جي فضا کي پڻ خراب ڪرڻ چاهي ٿو جڏهن ته ماضي ۾ به ملڪ ۾ اهڙي قسم جون نفرتون پکيڙڻ جون سازشون ڪيون ويون، ماضي ۾ـ ڪڏهن مذهب جي نالي تي وري ڪڏهن رنگ ۽ نسل تي ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙھايو ويو اڄ وري عمران نيازي اهڙي قسم جي حرڪتون ڪري ملڪ ۾ فساد پکيڙڻ جون سازشون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان ڪڏهن به پنهنجو خرچ پاڻ برداشت نه ڪيو آهي،ان سان ھميشه اي ٽي ايم مشينون گڏ رھيون آهن عمران خان جي ماضي ۽ حال بابت سڀني کي ڄاڻ آهي اهڙن خيالن جو اظهارهن  ڪلفٽن ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. وفاقي وزير شازيه مري چيو ته عمران خان ھڪ مغرور ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شخص آهي ملڪ ۾ معصوم ذهنن کي گمراهه ڪري رهيو آهي ۽ جيڪڏهن عمران خان دنيا جي امن جي ڳالهه ڪري ٿو ته پوء کيس پاڪستان جي امن بابت به سوچڻ گهرجي. شازيه مري چيو ته عمران نيازي انتشار جي سياست ڪري رهيو آهي، هو گارين ۽ نفرت ڦهلائڻ  واري سياست ۾ يقين رکي ٿو. ھن چيو ته اسان نظرياتي اختلافن باوجود ملڪ ۾ رواداري جي سياست کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا ۽ اختلاف ختم ڪري ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. شازيه مري جو عمران خان تي تنقيد ڪندي چوڻ ھو ته عمران خان جو خاندان ملڪ ۾ نٿو رهي، سندس ٻار ملڪ کان ٻاهر آهن، عمران خان پاڻ اخلاق جا سبق سيکاري ٿو پر خوداخلاقيات تي عمل نٿو ڪري ۽ ھو مخالفن کي گاريون ڏياريندو آهي اسان به ايئن ڪري سگهون ٿاپر اسان جي تربيت اهڙي ناهي عمران خان سموري زندگي دوستن جي پئسن تي پليو آھي پوء هن اي ٽي ايم مشينون رکيون جن کي هن حڪومت ۾ اچي فائدا ڏناهي مغربي جي اخلاقيات جي ڳالھ ڪندو آهي عمران خان جي هڪ عورت سان تصوير آهي جيڪا ٻارن جي غير قانوني ٽريفڪنگ ۾ ملوث رھي آهي ـ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير شازيا مري جو چوڻ ھو ته 22 جولاءِ تي پنجاب اسيمبلي جي ڪارروائي عدالتي حڪم تي هلي،عدالتي حڪم تي ئي  پنجاب اسيمبلي جي 20 ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪيو ويو. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير بابت 3 رڪني بينچ نه ٺاهي وڃي عدالت کي درخواست آهي ته فل بينچ قائم ڪئي وڃي. ان موقعي تي سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته ضرورت جو نظريو ماضي ۾ دفن ٿي ويو آهي، عدالتي حڪم جي سڀني جي لاءِ برابر آهي. عدالت فيصلي ۾ پارٽي سربراهه جو لفظ به لکيو آهي.آرٽيڪل 63 اي 18 ترميم ۾ ائين ساز اسمبلي ترميم جهڙي لفظ شامل ڪيا ۽ 2010 ۾ 63 اي ۾ لفظ پارٽي سربراہ شامل ڪيو هاڻ پارليماني سربراہ ناهي جڏهن ته قانون جوڙيندڙ وضاحت به لکي ڇڏي آهي ـ ھن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ق جو سربراهه چوڌري شجاعت حسين آهي ۽ ھن  پنهنجي ميمبرن کي هدايتون جاري ڪيون هيون جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر کي قانون موجب فيصلو ڪرڻو هو ۽ قانون ۾ پارلياماني ليڊر نه پر پارٽي سربراهه لکيو ويو آهي ـ ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اعليٰ عدالت 20 ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪيو هو جڏھن ته اسد عمر خط 4 اپريل تي عدالت ۾ پيش ڪيو جيڪو عمران خان لکيو ھو ۽ انھي خط جي بنياد تي ضمني چونڊون ڪرايون ويون. هن چيو ته عمران خان پنهنجي مفاد لاءِ ادارن کي تڪراري بڻائي رهيو آهي ۽ مطالبو ڪيو ته پنجاب جي وڏي وزيرمعاملي تي 14 ججن تي ٻڌل لارجر بينچ جوڙي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.