ايس يو پي پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نئين چيئرپرسن تي خدشا

ڪراچي ( رپورٽر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه  پنھنجي پريس بيان وسيلي محمد وسيم کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرپرسن مقرر ڪرڻ تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي نوڪرين کي چورائڻ ۽ من پسند بنيادن تي نوڪريون ڏيڻ لاءِ  محمد وسيم کي مقرر ڪيو ويو آهي.ھن وڌيڪ چيو ته  وفاقي حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم جي بليڪ ميلنگ کانپوءِ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ٿيل معاهدي تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن ۽ ٻئي مرحلي ۾ ايم ڪيو ايم جي درخواست تي محمد وسيم کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو آهي. ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اهڙو ادارو آهي جنهن جي شفافيت تي  سپريم ڪورٽ به تحفظات جو اظھار ڪري چڪي آھي،  جڏهن ته نيب جي طرفان  پڻ ڪيترن ئي معاملن جي انڪوائري  ٿي چڪي آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي پيپلز پارٽي سروس ڪميشن ۾ تبديل ڪري ، سوين نوڪريون ڏئي سنڌ جي ميرٽ جو قتل ڪيو ويو. سيد جلال محمود شاهہ چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ نوڪرين جي ورهاست لاءِ محمد وسيم کي  مقرر ڪيو ويو آهي.  هن چيو ته اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن ۾ ڪو به تعصب نه آهي پر سنڌ ۾ نوڪريون سياسي بنيادن تي نه پر ميرٽ  جي بنيادن تي ڏنيون وڃن. هن چيو ته اسين چتاءُ ڏيون ٿا ته  جيڪڏهن هن  اداري ۾ ٻيهر سياسي بنيادن تي ڳٺ جوڙ ڪئي وئي ته ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.