حليم عادل برسات جو پاڻي ڪڍندڙ کي گهيري ورتو

ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ ڪراچي ۾ برسات جو پاڻي ڪڍندڙ ضلعي انتظاميا جي ملازم کي گهيري ورتو ۽ سندس ڪم جي طريقيڪار تي تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت شهر ۾ پيل برسات جو پاڻي روڊ تان ڪيئن ڪڍي رهي آهي.حليم عادل شيخ ٽوئٽر تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هو گلشن اقبال ۾ برسات دوران ڪم ڪندڙ هڪ ڪارڪن سان وچڙندي نظر اچي رهيو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊي ايم سي عملي کان پڇيو ته اوهان جيڪو ٽريڪٽر هلائي رهيا آهيو ان سان پاڻي ڪيئن ڪڍو پيا؟جنهن تي ضلعي انتظاميا جي اهلڪار ٻڌايو ته هو پنهنجي ٽريڪٽر ٽرالي سان برسات جو پاڻي نيڪال ڪندو.حليم عادل شيخ تنقيد ڪندي چيو ته هن ٽريڪٽر ٽيڪنالاجي سان برسات جو پاڻي ته بلڪل نٿو نڪري سگهي، دنيا کي هنن مان سکڻ گهرجي، واهه سائين واهه.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.