سنڌ ۾ تيز برسات، ڪراچي ۾ ٻوڙان ٻوڙ، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ ٻوڏ، 5 ڄڻا فوت

ڪراچي/حيدرآباد/سکر( رپورٽر/نمائندا)  سنڌ ۾ تيز برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڪراچي ۾ ڏيڍ سئو ملي ميٽرن جي  برسات شهر کي ٻوڙي ڇڏيو. مختلف واقعن ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. کير ٿر جي جابلو سلسلي تي برساتن سبب ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال ٿي وئي.   بدين ۾ برساتي تباھيون جاري غريبن جا اجھا ڊھي پٽ 24 ڪلاڪن کان ھلندڙ برسات رڪجي نه سگھي .  مختلف علائقن جو رابطو شھرين کان ڪٽيل بدين شھر جا محلا به تلاءُ جي صورتحال جو ڏيک ڏيڻ لڳا. بدين جي سامونڊي پٽي جي  ڪيترن ئي ڳوٺن جو رابطو ڪٽيل ووئڻن جا فصل پاڻي ھيٺ اچڻ سبب آبادگارن کي لکين روپين جو جو نقصان ضلعي انتظاميه جو برسات کان جوڙيل پلان مڪمل طور تباھ ٿي ويو ڊرينج سسٽم سندن پول  پڌرا ڪري ڇڏيا . 24 ڪلاڪن کان ھلندڙ برسات ھزارين ايڪڙن تي بيٺل ووئڻن جي فصل کي مڪمل طور ختم ڪري ڇڏيو چوماسي جي ھلندڙ ھوائن سبب برسات جي شددت ۾ گھٽائي نه ٿي پريشر تيزي سان وڌي وڃڻ سبب شھرن جا علائقا ۽ ٻھراڙي جا علائقا مڪمل طور سخت متاثر ٿيا آھن پاڻي جي کوٽ سبب آبادگارن جا سارين وارا ٻيجارا جيڪي تياري ھيٺ ھئا زمينون اڃا تياري ھيٺ ھنيون پر برسات سڀ ڪجهھ اجاڙي ڇڏيو آھي بدين کان علاوه پنگريو . سمن سرڪار . سيراڻي . ترائي . ملڪاڻي شريف . شادي لارج . ڪڍڻ  . ٻھڊمي . ڀڳڙا ميمڻ . تلھار . ٽنڊو باگو . گولاڙچي سميت مختلف ٻھراڙين جي علائقن جا رابطا ھن وقت ڪٽيل آھن .ميھڙ شھر سميت ڀرپاسي برسات سبب ميھڙ شھر جي ڪيترن ئي علائقن مان پاڻي جي نيڪالي نه ٿي سگھي آھي ميھڙ جي ٻيٽو روڊ نزد ڊاڪٽر ذوالقرنين ڳورڙ جي اسپتال ، وي آءِ  پي روڊ،ٻيٽو روڊ،تعلقي اسپتال روڊ ، فريدآباد روڊ،ٿيٻا روڊ ،گاھي مھيسر روڊ سميت ڪاروباري مرڪز شاھي بازار اناج منڊي مين روڊ ۽ ڪيترن ئي علائقن ۽ سرڪاري ادارن جي سامھون پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آھي . نصيرآباد شھر ۽ انجي آسپاس تيز برسات سبب شھر جا مين روڊ ۽ تمام گھٽيون پاڻي سان ڀرجي ويون برسات جو پاڻي نيڪال نـ ٿيڻ جي ڪري نالين جو پاڻي گھرن ۾ ڪاھي پيو .برسات سبب ھارين آبادگارن جا لکين روپيا تباھ ٿي ويا سارين جو ھابرڊ ٻيڄارو  مھانگي اگھن تي خريد ڪري پوکڻ بعد مسلسل پوندڙ برسات سبب ٻيڄارو ڦٽي نـ سگھيو ھن سال پوندڙ برساتن سبب نصيرآباد سميت پوري قمبر ضلعي ۾ ھزارين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجڻ جو خطرو  ٿي ويو. زمينن کي ڏياريل ھر پڻ ختم ٿي ويو آھي .سيوھڻ تعلقي جي مختلف علائقن ۾ زوردار برسات جو وسڪارو ڪالھه به جاري رھيو يوسي جھانگارا ۽ يوسي باجارا جون مختلف جابلو نئيون وھي آيون . نئين جي تيز وهڪري سبب جابلو پٽي واري علائقي جي مختلف ڳوٺن نئينگ شريف، گاجي شاھ، ڳوٺ نگاول، ڳوٺ ڪائي, نواب خان رند سميت ٻين سوين ڳوٺن جو جھانگارا ۽ سيوھڻ سميت مختلف شھرن ۽ ڳوٺن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو .سجاول ضلعي ۾ سانوڻي برسات تباھي مچائي ڇڏي .سجاول شھر جي ھيٺين علائقن ۾ 3 کان 4  فوٽ برسات جو پاڻي روڊ رستن ۽ شھر جي چوراھن تي بيھڻ جي ڪري اچڻ وڃڻ وارن شھرين کي به  سخت مشڪلات پيش اچي رھيون آھن . ڪيترائي ڪچا گھر ڊھي پٽ ٿي پيا . ٽنڊوالهيار ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي . ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا . روڊ رستا سمنڊ جو ڏيک ڏيڻ لڳا گهرن ۾ پاڻي داخل . بجلي جو نظام درهم برهم . ضلعي انتظاميه ڪي به اپاء نه ورتا  . ٽنڊوالهيار شهر جو چمبڙ روڊ . ميرواه روڊ . نصرپور روڊ . انڙ پاڙو . فياض ڪالوني . خواجه اجمير ڪالوني سميت شھر جا ڪيترائي علائقا برسات جي پاڻي ۾ ٻڏل آھن. ٻهراڙي جا ڪيترائي علائقا جهنڊومري . پيارولنڊ . ميرآباد . ڊاسوڙي . عثمان شاه هڙي . نصرپور . چمبڙ . سنجرچانگ ۽ ٻيا علائقا برساتي ۽ نالينن جي گندي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ٽنڊو محمد خان ۾ نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويو. ٽنڊو محمد خان ۾ برساتي وسڪارن هڪ نوجوان جي حياتي کسي ورتي ، ڳوٺ باقر نظاماڻي ۾ برسات دوران نوجوان برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، 2 معصوم ٻارن سميت 4 ڄڻا گهرن جون ڇتون ڪرڻ سبب زخمي ٿي پيا. ڳوٺ باقر نظاماڻي جو رهواسي 20 سالا نوجوان سجاد علي خاصخيلي برساتي پاڻي بيهڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو ، وارثن نوجوان جي فوتگي جو سبب مرگهي جي بيماري ڄاڻائي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪندي پوليس کي لاش اسپتال کڻائڻ کان روڪي ورتو .ٽنڊوغلام حيدر جي مختلف شهرن جيئان ٽنڊوغلام حيدر،مويا،ڏندو شهرن ۾ به وقفي وقفي سان جاري برسات ڪيترائي شهري توڙي ٻهراڙين جا علائقا ٻوڙي ڇڏيا آھن .حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ گذريل رات کان ھلندڙ برسات سبب لطيف آباد، قاسم آباد سميت شھر جا اڪثر علائقا پاڻي ۾ ٻڏل، برسات جو پاڻي نه صرف روڊن رستن تي بيٺل رھيو پر گهرن ۾ به برساتي پاڻي داخل ٿيڻ ڪري ماڻهن کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو.  حيدرآباد شھر جي قدم گاھ مولا علي روڊ، مڪي شاھ روڊ،  بئراج ڪالوني،  ريلوي ڪالوني، لياقت ڪالوني، نئون نمبر تلاءَ،  قاسم آباد تعلقي جي گليمر هومز،  سٽيزن ڪالوني،  ذيشان سوسائٽي، چانڊيا ڳوٺ، مولابخش چنا ڳوٺ،  نسيم نگر،  فراز ولاز، وحدت ڪالوني ۽  شيدي ڳوٺ، لطيف آباد تعلقي جي مختلف علائقن حسين آباد، لطيف آباد نمبر نمبر 2، 4، 7، 8، 11، 12 سميت مختلف ھيٺائين واري علائقن ۾ پاڻي گھرن ۾ داخل ٿي ويو آھي.حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا برسات متاثرين جي مدد لاء مختلف ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ ريلف ڪئمپون قائم ڪرڻ جون ھدايتون ڪيون . لاڙڪاڻي شهر سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ سڄو ڏينهن هلڪي ۽ تيز برسات پوندي رهي ۽ آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل رهيا. مٽياري ۽ ان جي  آس پاس جي علائقن ۾گذريل رات کان سانوڻي برساتن جو وسڪارو تيزي سان جاري رهيو.ت ھالا , نيو سعيدآباد , ڀٽ شاھ ,کيبر ,اڏيرو لعل, کنڊو سميت  مختلف علائقن ۾ تيز ھوائن سان برسات جاري رهي. کهڙن ۾ سانوڻي جي برساتي وسڪارن جو سلسلو جاري رهيو. مسلسل برساتي وسڪارن سبب مختلف هنڌن تي گوڏي جيڏو برساتي پاڻي بيهجي ويو آھي هيٺيان وارا علائقا پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آھن ڳوٺن جا شھرن سان زميني رابطا پڻ ڪاٽا ٿي ويا آھن تيز برساتي وسڪاري سبب دڪانن جا ڇپرا ۽ سائن بورڊ پڻ ڪري پيا. کجي کي نقصان پئجي ويو. بلڙي شاهه ڪريم ۽  ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات جاري رهي. يونين ڪاؤنسل ڏاڏون جي ڳوٺ انور مڱڻھار ۾ غريب پورھيت محمد پنڃل مڱڻھار جو ڪکائون گھر ڊھي پٽ پئجي ويو جنھن جي نتيجي ننڍڙي 6 سالا زڪيه مڱڻھار گھر جي ڇت ڪرڻ سبب سخت زخمي ٿي پئي.چوھڙ جمالي  سميت شاه بندر تعلقي ۾ لڳاتار 12 ڪلاڪن کان هلندڙ برسات سبب ڪافي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا .شاه بندر تعلقي ۾ سم نالا نه هجڻ ڪري پاڻي ڳوٺن ۾ ڪاهي پيو آهي .شاهبندر تعلقي جي ساحلي پٽي جا سوين ڳوٺ برساتي پاڻي ھيٽ اچي ويا آھن .  ھزارين ا يڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي ھيٺ آهن. ڊگھڙي شهر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ تيز برسات جو وسڪارو،شهر جا مک روڊ،بازارون ۽ رهائشي علائقا پاڻي جي لپيٽ ۾ بجلي بند ڳوٺن جو شهر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو،خبر موجب ڊگھڙي شهر ۽ آس پاس جي ننڍن وڏن ڳوٺن تي تيز برسات جو وقفي وقفي سان وسڪارو جاري رهيو .فيض گنج مسلسل بارشن ٻوڏ جي صورتحال اختيار ڪري ورتي کجين جو فصل مڪمل طباه ٿي ويو ووڻن جوئر جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. ميرپورخاص ۾ گذريل ڏينهن پيل برسات ضلعي انتظاميا ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جي ڪامورن  جي پت وائکي  ڪري ڇڏي، شهر جي مختلف علائقن ۽ ڪاروباري مرڪزن جي مک روڊن تي به برساتي پاڻي بيٺل آهي. ڪاروباري مرڪزن، پراڻي سول اسپتال روڊ، نيو ٽائون، خسڪ پوره، سر سيد روڊ, جرواي شاخ روڊ سميت  شهر جي  مختلف علائقن سٽلائٽ ٽائون  بخاري ٽائون ، ھاشم نگر ، ڀٽي ھوٽل ، پنھور ڪالوني سميت مختلف علائقن جي روڊ رستن تي برسات جو پاڻي بيهجي ويو آھي. ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رات کان وقفي وقفي کان وسڪارو جاري، ڪراچي جي گلبرگ، ڪريم آباد، لياقت آباد، صدر ، پي آءِ بي ڪالوني، آءِ آءِ چندريگر روڊ  ۽  ايم جناح روڊ تي  برسات وقفي وقفي سان جاري رهي. ملير، گلشن حديد، اسٽيل ٽائون، قائد آباد، رزاق آباد، ڪاٺوڙ ۽ گگهر ڦاٽڪ وارن علائقن ۾ به وسڪارو جاري آھي، رستن تي پاڻي بيھجي ويو آھي، روڊن رستن تي گاڏيون معمول کان گھٽ رھيون . ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل، چندريگر روڊ، ڪورنگي روڊ، يونيورسٽي روڊ، بند روڊ ۽ ٻيا روڊ ٻڏي ويا. رنڇوڙ لائن، صدر، قائد آباد، سرجاڻي، ناگن چورنگي، ناظم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال ٿي وئي. رستا ٻڏي ويا. رستا درياءُ بڻجي وهڻ لڳا. ڪراچي ۾ رات دير تائين سڀ کان وڌيڪ صدر ۾ 104 ملي ميٽر برسات پئي. قائد آباد ۾ 100 ملي ميٽر کان مٿي برسات رڪارڊ ٿي، جڏهن ته برسات جو سلسلو شهر ۾ جاري هو. اسر تائين وسڪارو جاري رهيو.  اسلام ڪوٽ ۾ 127 ملي ميٽر برسات پئي. ڪراچي صدر ۾ 104 ملي ميٽر، قائد آباد ۾ 100 ملي ميٽر برسات پئي. 03

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.