فل ڪورٽ لاءِ پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو، ٽه رڪني بئنچ قبول ناهي: فضل الرحمان

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت ۽ اتحادي جماعتن فل ڪورٽ جوڙڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ دوران ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي، فل ڪورٽ ۾ وڏي وزير جي چونڊ، سپريم ڪورٽ بار جي نظرثاني درخواست، ۽ لاڳاپيل درخواستن جي گڏ ٻڌڻي ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي، ايم ڪيو ايم ، عوامي نيشنل پارٽي، بلوچستان نيشنل پارٽي، ۽ بلوچستان عوامي پارٽي به درخواست گذارن ۾ شامل آهي، ٻئي پاسي وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته فل ڪورٽ ويهارڻ جي مطالبي ۾ ڪنهن به قسم جي بدنيتي شامل ناهي، ان ڪيس جا مستقبل جي سياست تي ڏور رس نتيجا نڪرندا، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وڏي وزير جي اليڪشن جو ڪيس فل ڪورٽ آڏو رکيو وڃي،2015ع ۾ سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بئنچ قرار ڏنو ته پارٽي سربراهه کي ئي اختيار حاصل آهي، هڪ ئي معاملي ۾ ٻه تشريحون نٿيون ڪري سگهجن،هن چيوته صدارتي ريفرنس ۾ ٽي ٻه جي فيصلي جي ڪري اهو ابهام رهندو، فل ڪورٽ ان معاملي کي ڏسندي ته اهو معاملو هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو، وفاقي وزير چيو ته عمران خان صدر مملڪت کي چئي سپريم ڪورٽ ريفرنس موڪليو، ريفرنس ۾ ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ جو چيو ويو، اهو ڪيس سماعت هيٺ هو، ڪوشش ڪئي وئي ان تي اسٽي آرڊر ورتو وڃي، انهي ءَ دوران پنجاب ۾ وڏي وزير جي چونڊ ٿي وئي، حمزا شهباز وڏو وزير بڻيو ۽ مخالفن حصو نه ورتو، هن چيو ته معاشري جو هر طبقو فل ڪورٽ بئنچ ويهارڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، سپريم ڪورٽ بار جي 5 اڳوڻن صدرن به فل ڪورٽ جو مطالبو ورجايو آهي، سول سوسائٽي به اهو چئي ٿي ته اهم ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ لارجر بئنچ جوڙڻ گهرجي.

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان کي فل ڪورٽ گهرجي، ٽي يا پنج ججن جو پئنل هاڻي انصاف جي حوالي سان قابل قبول نه ٿي سگهندو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته چوڌري شجاعت جي خط تي مونس الاهي پاڻ اعلان ڪيو ته هو هارائي چڪو آهي، مونس الاهي ته فوري طور تي خط جي معنيٰ سمجهي ٿو، پر حيرت جي ڳالهه آهي ته اعليٰ عدالت چوي ٿي ته معاملو سمجهه ۾ نه پيو اچي،مطالبو ڪريون ٿا ته اهو ڪيس فل ڪورٽ ۾ ٻڌو وڃي، اهو ڪيس في الحال ٽه رڪني بئنچ ٻڌي رهي آهي، هن چيو ته عدالت ۾ معاملو فوري کڻي وڃڻ ڳڻتي جو سب آهي، اتحادي جماعتن آئيني ۽ قانوني ماهرن کي هدايتون جاري ڪيون آهن، عدالت جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي يا دٻاءُ تحت ڪري رهي آهي يا پوءِ ان جي ڪا دلچسپي آهي، هن چيو ته ماضي ۾ جيڪي فيصلا ڏنا ويا ڪٿي به سوال نه اٿاريو ويو، پارٽي ليڊر ئي آخري ۽ فيصلائتو ڪردار ادا ڪندو آهي، اڄ نئون بحث ڇيڙيو ويو ته پارٽي جو فيصلو يا پارلياماني پارٽي ليڊر جو فيصلو؟ هن چيو ته اسان جي ادارن ۾ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ڪنهن هڪ پارٽي سان ڳنڍيل آهن، انهن معاملن ۾ ادارن کي نه گهليو، عمران خان جي پوري سياسي زندگي هڪ ڪوڙي بيانئي تي بيٺل آهي، عمران خان جو ڪو مستقل بيانيو آهي نه نظريو، هن جي ڊڦڙي تي ڪجهه نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون ڊانس ڪندا آهن، هن چيو ته جي يو آءِ ف ان معاملي تي ڌر بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اڄ پٽيشن داخل ڪنداسين، ادارن جي مداخلت ۽ سياست سان رياست ڪمزور ٿي رهي آهي، حڪومت کي حڪومت ڪرڻ ڏيو، اسان جي ادارن ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن ريٽائرمينٽ کانپوءِ اهي وائکا ٿيندا آهن، جڏهن ته ملازمت دوران پارٽي سان وابستگي رکندا آهن، انهن کي اهو ئي مشورو آهي ته ملازمت دوران هڪ جماعت لاءِ اداري کي استعمال نه ڪريو، استعيفيٰ ڏئي ميدان ۾ اچي مقابلو ڪريو، هن چيو ته ادارا هن ملڪ تي رحم ڪن، پنهنجي طاقت ڏيکارڻ، پنهنجي بالادستي ڏيکارڻ ۽ ان خواهش ۾ رهڻ اهو شايد ملڪ کي نقصان پهچائي رهيو اهي، هن سوال اٿاريو ته پاڪستان ۾ شرافت جي سياست، وقار جي سياست، نظرئي جي سياست ڪٿي وئي؟ عمران خان کي تحفظ ڪير ڏئي رهيو آهي، ڇو ادارا پنهنجو فرض نه پيا نڀائين، بنا سبب هڪ شخص کي سهارو ڏئي رهيا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.