نوابشاهه ۾ سونارن جو بجلي جا واڌو بل اماڻڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

سونارن صرافا يونين  جي سڏ تي نبي بخش بلوچ، وسيم، فهيم کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سونارا مارڪيٽ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي اڳواڻن جو چوڻ هو ته واپڊا انتظاميا بجلي جي بلن تي واڌو ٽيڪس ھڻي غريب عوام سان ظلم ڪيو آھي.

سندن چوڻ هو هر مهيني واڌو بل اماڻيا پيا وڃن جنهن سان ڪاروباري طبقي روزگار کان محروم ٿيندو پيو وڃي.

ھنن واپڊا جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته بجلي جي بلن تي جاري نوان ٽيڪس ختم ڪري عوام کي جيئن جو حق ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.