ڪوٽڙي مان ڪجهه ڏينهن اڳ اڻڄاتل ماڻهن هٿان اغوا ٿي ويل مسرور کوسو جي امڙ بدرالنساءَ، مهتاب، منير کوسو ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ان موقعي تي مغوي نوجوان جي امڙ ميڊيا آڏو روئيندي ٻڌايو ته سندس پٽ مسرور پورهيت ۽ بيگناهه آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ کيس ويگو سوار اڻڄاتل ماڻهو اغوا ڪري ويا آهن.
نوجوان جي وارثن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته مسرور کوسو بابت پوليس به تعاون نه ٿي ڪري، کيس فوري طور بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.