سنڌ ۾ برسات، صوبائي حڪومت عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت تيز برساتن کي ڏسندي سڀاڻي صوبي جي ٻن ڊويزنز ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن جي ضلعن ۾ برساتن سبب عام موڪل جو فيصلو ڪيو آهي.

ان حوالي سان سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته وڏي وزير صورتحال کي ڏسندي صلاح مشوري کانپوءِ 25 جولاءِ تي موڪل جو فيصلو ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته انهن ڊويزنز ۾ اڄ ٿيندڙ تيز برسات ۽ سڀاڻي جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ان سلسلي ۾ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.