”پرڏيهي سازش کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ اينٽي اسٽيبلشمينٽ جو بيانيو شروع ٿي ويو“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير اورنگزيب پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته فوج ۽ عدليا کي سياست ۾ گهلڻ بند ڪيو.

پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ادارن کي گاريون ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ ادارن جو ٺيڪيدار نه بڻجي، اقتدار ۾ واپسي لاءِ عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ اينٽي اسٽيبلشمينٽ جي راند کيڏڻ نه ڏينداسين.

هن چيو ته ڪنهن کي به آئين ۽ قانون سان هٿ چراند ڪرڻ نه ڏينداسين، عمران خان اعتراف ڪيو 4 سال حڪومت هلائڻ لاءِ ادارن ۽ ايجنسين جي مدد ورتي، اسان ڪنهن کي ڌمڪي ۽ گارگند سان انصاف جو قتل ڪرڻ نه ڏينداسين.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف ۽ مسلم ليگ ن جو بيانيو آئين جو بيانيو آهي ۽ رهندو، عمران خان جو نشانو ادارا آهن ۽ انهن جي قيادت کي عهدن تان لهرائڻ آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جو ٻاهرئين ملڪ جي سازش جو بيانيو دفن ۽ اسٽيبلشمينٽ ۽ اينٽي اسٽيبلشمينٽ جو بيانيو شروع ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.