اڻ پڙهيل آهيان، ڪرڪيٽر نه ته مزدور هجان ها: شاداب خان

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان چيو آهي ته جيڪڏهن مان ڪرڪيٽر نه ته مزدور هجان ها.

شاداب خان ٽوئيٽر اسپيس تي مداحن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته گروئن انجري 2018 ۾ ٿي پر مان کيڏندو رهيس، ورلڊ ڪپ 2019 کان اڳ هيپاٽائٽس ٿي ۽ پوءِ ڏکيائي سان ورلڊ ڪپ کيڏيو، هاڻ بلڪل فٽ آهيان، چئن مهينن کان ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهيان پر بحالي به گڏ هلي رهي آهي.

هن چيو ته هاڻ انجري جو شڪار ناهي ٿيڻو، ڇاڪاڻ ته ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ اچي رهيو آهي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهيان ٿو پر اڃا منهنجي جاءِ ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ نٿي ٺهي، مان فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ به ايتري ناهيان کيڏيو، خواهش آهي ته ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ ڪم بيڪ ڪريان، ڇاڪاڻ ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو مزو ئي الڳ آهي.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪرڪيٽر نه هجان ها ته مزدور هجان ها، ڇاڪاڻ ته لکڻ پڙهڻ ناهي ايندو.

شاداب خان وڌيڪ چيو ته مان چاهيان ٿو بيٽنگ ۾ اوپننگ به ڪريان پر جيئن ٽيم کي ضرورت هوندي آهي ائين کيڏندو آهيان.

آل رائونڊر چيو ته آسٽريليا ۾ اسپنر کي بائونس ملندو آهي پر بال اسپن ناهي ٿيندو، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ آسٽريليا ۾ آهي، ڪوشش ڪندس ته بائونس سان مخالف بيٽر کي پريشان ڪيان.

هن چيو ته منهنجي شاهد آفريدي سان کيڏڻ جي خواهش رهي آهي، ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ – ڀارت ميچ جو دٻاءُ ناهي، ڇاڪاڻ ته ڪيتريون ئي ميچون کيڏي چڪا آهيون، اسٽيو سمٿ سان ڀيٽ درست ناهي، پرفارمنس نه هجي ته تنقيد ٿيندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.