بولڊ اداڪارا دشا پٽاني پنهنجا ئي سين ڏسي اکيون ٻوٽي ڇڏيندي آهي !

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا دشا پٽاني نئين ايندڙ فلم ايڪ ولن جي ٻئين پارٽ ۾ جوهر ڏيکاريا آهن ۽ فلم جي ٽريلر ۾ به ڪجهه بولڊ منظر ڏنا ويا آهن جنهن سبب اداڪارا دشا پٽاني بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي.

اداڪارا مختلف تقريبن ۾ ماڻهن کي سوالن جا جواب ڏيندي رهي ٿي ۽ هڪ مشهوري تقريب دوران به هن پنهنجا سين پاڻ ڏسڻ جي حوالي سان ٻڌايو آهي.

دشا پٽاني جو چوڻ هو ته هو پنهنجو پاڻ کي اسڪرين تي ڏسي ٻئي هٿ اکين تي ڏئي ڇڏيندي آهي.

هن وضاحت ڪئي ته کيس پنهنجو پاڻ کي اسڪرين تي ڏسڻ پسند ناهي، هو پنهنجون فلمون ناهي ڏسندي.

ياد رهي ته اداڪارا دشا پٽاني اڄ ڪلهه ڀارتي سوشل ميڊيا تي بيحد وائرل آهي ۽ بولڊ فوٽوشوٽس سبب پڻ بحث هيٺ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.