ڪراچي ۾ اڄ سڀ کان وڌيڪ برسات ڪٿي پئي؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ تازي برسات جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.

موسميات کاتي جي انگن اکرن موجب ڪراچي ۾ اڄ سڀ کان وڌيڪ برسات قائد آباد واري علائقي ۾ 86.5 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته گلشن حديد ۾ 62،62 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي.

موسميات کاتي موجب مسرور بيس ۽ ڪياماڙي ۾ 54،54، جڏهن ته اورنگي ٽائون ۾ 49.5 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

ڪراچي جي ڊفينس هائوسن اٿارٽي (ڊي ايڇ اي) ۾ 44.3، نارٿ ڪراچي 39 ۽ ڪورنگي ۾ 36.4 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي.

انگن اکرن موجب ناظم آباد 36.4، فيصل بيس 35.5، سعدي ٽائون 33.7، گڏاپ 29.2، گلشن معمار 24.4، اولڊ ايئرپورٽ 27 ۽ جناح ٽرمينل تي 26.4 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.