هن عورت کي پنهنجن شهپرن سان پيار آهي !

ڀارت ۾ هڪ عورت جون مڇون ڌيان جو مرڪز بڻجي ويون آهن جنهن تي ڪجهه ماڻهو سندس تعريف ڪن ٿا ته ڪي وري سندس مذاق اڏائي رهيا آهن.

پر پاڻ اها عورت چوي ٿي ته کيس ڪو فرق نٿو پوي.

35 ورهين جي شجا جي واٽس ايپ تي به مڇن واري تصوير رکيل آهي جنهن تي لکيل آهي ته مون کي پنهنجين مڇين سان پيار  آهي.

جيڪي ماڻهو ساڻس ملن ٿا يا وري فيس بڪ تي سندس تصويرون ڏسن ٿا اهي کانئس سوال ڪن ٿا ته نيٺ هن مڇيون ڇو رکيون آهن.

جواب ۾ هو چوي ٿي ته مون کي مڇون سٺيون لڳن ٿيون، مون کي بي حد پسند آهن.

شجا ڀارتي رياست ڪيرالا جي ڪنور ضلعي ۾ رهي ٿي.

هو آئي بروز ته ٺهرائيندي پر مڇون ناهي ٺهرائيندي.

ڪجهه سال اڳ شجا مڇون گهاٽيون ٿي ويون هيون ۽ هن خوشيءَ سان ان کي برقرار رکيو آهي.

سندس چوڻ آهي ته هاڻي مان انه کانسواءِ نٿي رهي سگهان، جڏهن ڪورونا وبا پکڙي هئي ته مون کي هر وقت ماسڪ پهرڻ خراب لڳندو هو ڇو ته چهرو ڍڪجي ويندو هو.

ڪيترائي ماڻهو کيس صلاح ڏين ٿا ته هو مڇون صاف ڪرائي ڇڏي پر شجا هميشه انڪار ڪري ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.