سر جهڪائڻ کان انڪار، بحران، سريلنڪا جهڙي صورتحال، گجراتي خط ۽ بي اعتمادي رٿ جي صلاح

سپريم ڪورٽ پاڪستان مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي طرفان پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ جي حوالي سان ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف داخل ڪيل درخواست تي حمزا شهباز کي سومر تائين ٽرسٽي وڏي وزير طور ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

پنجاب جي وڏي وزير واري معاملي تي پاڪستاني سياست ۾ وڏي گرما گرمي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.

مولانا فضل الرحمان هڪ ڀيرو ٻيهر ادارن جو ذڪر ڪيو آهي ته مريم نواز به اهو چئي ڇڏيو آهي ته بس هاڻي گهڻو ٿيو.

عمران خان سري لنڪا جهڙي صورتحال کان خبردار ڪيو آهي ته فواد چوڌري به طاقتور قوتن کي پري رهڻ جي صلاح ڏني آهي.

شرجيل ميمڻ گجراتي خط کي عمران خان جي ناڪامي جو سبب قرار ڏنو ته شيخ رشيد وري بي اعتمادي رٿ جي صلاح ڏئي ڇڏي آهي.

پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز سپريم ڪورٽ جي بينچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

هن چيو آهي ته يڪطرفن فيصلن سامهون سر جهڪائڻ جي اميد اسان مان نه رکي وڃي، گهڻو ٿيو.

اپوزيشن اتحاد جي سربراهه، مولانا فضل الرحمان انڪشاف ڪيو آهي ته حڪومت کي چيو ويندو آهي ته هدايتن تي هلڻو آهي نه ته بحران پيدا ڪري ڇڏينداسين.

هن چيو ته ادارا خاموش ٿي ويهن ته ڪو بحران ناهي.

عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سري لنڪا جهڙي تحريڪ پري ناهي جڏهن ماڻهو روڊن تي نڪري ايندا.

راڻا ثناءُالله چيو آهي ته پي ٽي آءِ جنهن فيصلي تي خوشيون ملهايون اهو ئي سندن ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. اليڪشن ڪميشن کان مطالبو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو جلد جاري ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.