روز ڪافي پيئڻ سان ڇا ٿيندو ؟ نئين تحقيق ۾ وڏا انڪشاف

جيڪڏهن اوهان کي ڪافي پسند آهي ته سٺي خبر اِها آهي ته ڪافي جو هر روز هڪ ڪپ پيئڻ گڙدن جي صحت لاءِ فائديمند هوندو آهي.

آمريڪا ۾ ٿيل هڪ تحقيق ۾ ماهرن طرفان ٻڌايو ويو آهي ته سڄي ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪپ ڪافي پيئڻ گڙدن جي زخمن جو خطرو گهٽائي سگهي ٿو.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روزاني ڪنهن به مقدار ۾ ڪافي پيئڻ سان گڙدن جي انجري جو خطرو 15 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي.

اهڙي نموني 2 کان 3 ڪپ ڪافي پيئڻ سان اهو خطرو 23 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي.

گڙدن ۾ زخم سان رت ۾ گند جمع ٿي ويندو آهي، ائين محسوس ٿيندو آهي ته گڙدا جسم ۾ سيال جو توازن برقرار رکڻ وارو ڪم نه پيا ڪن.

جيڪڏهن ان مسئلي جي روڪٿام نه ڪئي وڃي ته وقت گذرڻ سان گڏ گڙدن کي نقصان پهچي سگهي ٿو.

نئين تحقيق ۾ 1987ع کان 1989 دوران 14 هزار کان وڌيڪ بالغ فردن جي هڪ سروي ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ويو.

سروي دوران انهن ماڻهن کان ڪافي پيئڻ جي مقدار بابت سوال ڪيا ويا هئا ۽ گڙدن جي زخم وارن ڪيسن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي هئي.

تحقيق ۾ سمورن معاملن کي نظر ۾ رکندي اهو نتيجو نڪتو ڪڍيو ويو آهي ته روزانو هڪ ڪپ ڪافي پيئڻ سان گڙدن جي انجري جو خطرو 15 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي.

ان سان بلڊ پريشر، جسماني وزن، شگر ۽ گڙدن جي ڪمزوري جهڙن مسئلن جي شڪار فردن ۾ پڻ اهو خطرو 11 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.