”نرم مداخلت جا آواز اٿي رهيا آهن، پاليسيون ٺاهيندڙ اڳ ۾ پنهنجي غلطي تسليم ڪن“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ۽ وفاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته اڄ ڪيترين ئي ڌرين طرفان نرم مداخلت جا آواز اٿي رهيا آهن، ماحول ٺاهيو پيو وڃي ته سياسي جماعتن کي چونڊن تي راضي ڪري سگهجي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته سڀني کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، رات جي وقت سپريم ڪورٽ جون ڀتيون ٽپيون ويون، ان کي جذبن جو اظهار قرار ڏنو پيو وڃي ته ن ليگ تي سپريم ڪورٽ تي حملي جي الزام تي معافي گهري وڃي.

هن چيو ته اڄ ڪيترين ئي ڌرين طرفان نرم مداخلت جا آواز اٿي رهيا آهن، ماحول ٺاهيو پيو وڃي ته سياسي جماعتن کي چونڊن تي راضي ڪري سگهجي، پاليسيون ٺاهيندڙ ادارن کي سوچڻو پوندو، اڳ ۾ پنهنجي ٿيل غلطي تسليم ڪن پوءِ قومي مفاد جي ڳالهه ڪن.

جاويد لطيف مطالبو ڪيو ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت ڪيس جي فل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ڪئي وڃي ۽ نواز شريف جي سڀني اپيلن کي فوري طور ٻڌو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.