پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ: حڪومت ۽ اتحادين اهم فيصلو ڪري ورتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ۽ ان جي اتحادي جماعتن پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ جي معاملي تي فل ڪورٽ بئنچ لاءِ سڀاڻي سپريم ڪورٽ سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي.

پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ جي معاملي تي حڪومتي اتحاد ۾ شامل جماعتن فل ڪورٽ بئنچ جوڙڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

حڪومتي اتحادي ۽ پي ڊي ايم جي جماعتن جا اڳواڻ سڀاڻي صبح ساڍي ڏهين وڳي گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ اهم اعلان ڪندا ۽ پريس ڪانفرنس کانپوءِ پنهنجي وڪيلن سان گڏ گڏيل طور سپريم ڪورٽ ويندا.

اطلاعن موجب وڏي وزير جي چونڊ، سپريم ڪورٽ بار جي نظرثاني درخواست ۽ لاڳاپيل درخواستن جي گڏ ٻڌڻي جي اپيل ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.