جهلم (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري عدليا تي تنقيد ڪرڻ تي ن ليگ اڳواڻن تي ڏمرجي پيو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته ن ليگ اسٽيبلشمينٽ جي ڪُک مان جنم ورتو آهي، پاڻ ۾ طئي ڪيو اٿن ته هڪ پرو اسٽيبلشمينٽ سياست ڪندو ۽ ٻيو اينٽي اسٽيبلشمينٽ، هڪ ناڪام ٿيو ته ٻئي کي اڳتي ڪري ڇڏيو، اهو ئي فارمولو ايندڙ نسل ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته عدليا خلاف بيان شروع ٿي ويا آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ فوج خلاف بيان شروع ٿي ويندا، ان اسڪيم ۾ خامي اها آهي ته 1990 وارا ماڻهو هاڻ ناهن ۽ مقابلو به عمران خان سان آهي.
نون لیگ کی حکمت عملی نون لیگ کو سیاست سے مکمل باہر کر دے گی لیکن اداروں کو نقصان ہو گا، ادارے اس گرداب میں اپنی قیادت کی غلطیوں سے پھنسے ہیں اپنی حدود میں رہتے تو کچھ نہیں تھا لیکن بہرحال اب اداروں کو نون لیگ نے ٹارگٹ کرنا ہے ،
— Ch Fawad Hussain (@fawadchaudhry) July 24, 2022
سندس چوڻ هو ته ن ليگ جي حڪمت عملي ان کي سياست کان مڪمل ٻاهر ڪري ڇڏيندي پر ادارن کي نقصان ٿيندو، پنهنجي حدن ۾ رهن ها ته ڪجهه نه هو پر بهرحال هاڻ ن ليگ ادارن کي ٽارگيٽ ڪندي.